استنبول – 03 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻين عرب اسلامي پرڏيهي وزيرن سان گڏ غزه ۾ پائيدار جنگبندي ۽ مستحڪم امن جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي غور فڪر ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سمورن اڳواڻن فلسطينين جي لاءِ فوري انساني امداد جي اپيل ڪئي ۽ اسرائيلي جنگبندي جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي جڏهن ته …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو عرب اسلامي پرڏيهي وزيرن سان گڏ غزه ۾ پائيدار جنگبندي ۽ مستحڪم امن لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي غور فڪر

مزید خبریں
استنبول – 03 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻين عرب اسلامي پرڏيهي وزيرن سان گڏ غزه ۾ پائيدار جنگبندي ۽ مستحڪم امن جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي غور فڪر ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سمورن اڳواڻن فلسطينين جي لاءِ فوري انساني امداد جي اپيل ڪئي ۽ اسرائيلي جنگبندي جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي جڏهن ته والاريل فلسطيني علائقن مان اسرائيل جي انخلا جو مطالبو ڪيو ۽ غزه جي نئين سر تعمير تي زور ڏنو. پاڪستان گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل القدس الشريف کي گادي وارو شهر بڻائڻ سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل ۽ واڳيل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي پنهنجي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو.











