اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ چيو ته ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج کي شڪست ڏيڻ پاڪستان جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي …
صدر پاران خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ چيو ته ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج کي شڪست ڏيڻ پاڪستان جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي قوم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي. صدر سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ موثر ڪارروائي کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ”عزمِ استحڪام“ تحت ڪارروايون جاري رهنديون. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع، خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪندو، دعا آهي ته الله تعاليٰ ملڪ کي دهشتگردي ۽ هر فتني کان محفوظ رکي.










