وزيراعظم پاران اتر وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف جدا جدا ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 3 دهشتگردن کي مارڻ …

اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف جدا جدا ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 3 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.