وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سي وي ايف وفد سان ملاقات

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ڪلائميٽ ولزيبل فورم (CVF-20) جي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي تجويز ڪيل ڪلائميٽ پراسپرٽي پلان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هي منصوبو ايندڙ ماحولياتي ڪانفرنس ڪوپ -30 ۾ پيش ڪيو ويندو. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفد وفاقي وزير کي منصوبي …

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ڪلائميٽ ولزيبل فورم (CVF-20) جي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي تجويز ڪيل ڪلائميٽ پراسپرٽي پلان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هي منصوبو ايندڙ ماحولياتي ڪانفرنس ڪوپ -30 ۾ پيش ڪيو ويندو. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفد وفاقي وزير کي منصوبي جي بنيادي مقصدن کان آگاهه ڪيو جيڪو پاڪستان کي هڪ ماحولياتي لحاظ کان مضبوط گهٽ ڪاربان ۽ جامع معيشت طرف منتقلي جو روڊ ميپ فراهم ڪري ٿو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاري گرين ترقياتي منصوبن ۽ ماحولياتي لچڪ پيدا ڪرڻ جي قدمن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ڌرين سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، جاري منصوبن جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ فني تعاون، جدت ۽ علم جي مٽاسٽا ذريعي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدي ملڪ ۽ سي وي ايف وفد ايندڙ ڪوپ-30 جي ڳالهين دوران پاڪستان جي ماحولياتي ترجيحن ۽ ٻين ڪمزور ملڪن جي مفادن کي عالمي سطح تي موثر طور اجاگر ڪرڻ لاءِ ويجهي تعاون تي اتفاق پڻ ڪيو.