اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) ورلڊ بئنڪ مشن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ۽ بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عامر علي احمد بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽر ۾ وچ ايشيا، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان ريجن جي سوشل پاليسي ڪرسٽوبل پريڪٽس مينيجر ريڊا ڪينو جي قيادت ۾ ورلڊ بئنڪ جي وفد جي آجيان ڪئي. وفد ۾ …
ورلڊ بئنڪ مشن جو بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز جو دورو، مستقبل ۾ گڏيل تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) ورلڊ بئنڪ مشن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ۽ بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عامر علي احمد بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽر ۾ وچ ايشيا، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان ريجن جي سوشل پاليسي ڪرسٽوبل پريڪٽس مينيجر ريڊا ڪينو جي قيادت ۾ ورلڊ بئنڪ جي وفد جي آجيان ڪئي. وفد ۾ امجد ظفر خان، گل نجم جامي، جيويرسانچيز رضا، آمنه خان، سهيل سعيد ۽ ساره نظامي شامل هئا. مشن جو مقصد پاڪستان جي موجوده سماجي تحفظ پروگرام جو جائزو وٺڻ، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اڳڀرائي جو تجزيو ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ گڏيل تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو. ملاقات دوران بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن چيو ته بي آءِ ايس پي جي اين ايس اي آر ڊيٽا بيس کي وڌيڪ مضبوط، هم آهنگ ۽ مرڪزي هجڻ گهرجي ته جيئن سماجي تحفظ جي نظام ۾ شفافيت ۽ اعتماد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن زور ڀريو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ان قومي ترجيح موجب ڪم ڪرڻ گهرجي. بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عامر علي احمد بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بي آءِ ايس پي جي ڊيٽا سڄي ملڪ ۾ ڪيترائي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا استعمال ڪري رهيا آهن. هن بي آءِ ايس پي جي غذائيت ۽ تعليم جي پروگرامن ۾ حاصل ٿيل هاڻوڪين ڪاميابين جو به ذڪر ڪيو، ڪرسٽوبل بي آءِ ايس پي جي ڪارڪردگي ۽ متاثر ڪندڙ اثرن کي ساراهيندي چيو ته ورلڊ بنئڪ پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جي شعبي ۾ بي آءِ ايس پي سان مضبوط حصيداري جاري رکندي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، بعد ۾ ورلڊ بئنڪ جي مشن بي آءِ ايس پي ون ونڊو سينٽر جو دورو ڪيو جتي هنن حقدار عورتن سان ملاقات ڪئي ۽ حصيدار ادارن جي تعاون سان فراهم ڪيل خدمتن جو جائزو ورتو.











