اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب، پوٺورهار خطي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. ان دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب ۽ پوٺورهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي ڳَڙو پئجي سگهي ٿو . ملڪ جي ٻين وچولي/ ڏاکڻي …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب، پوٺورهار خطي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جهڙالي رهڻ جو امڪان

مزید خبریں
اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب، پوٺورهار خطي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. ان دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب ۽ پوٺورهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي ڳَڙو پئجي سگهي ٿو . ملڪ جي ٻين وچولي/ ڏاکڻي علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهي. جڏهن ته مٺي ۾ 22 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 03، اسڪردو ڪاٽو 2، بابوسر ۽ زيارت ۾ ٻڙي ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











