سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ 35هين نيشنل گيمز جي پهرين اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 35هين نيشنل گيمز 6 ڊسمبر کان 13 ڊسمبر 2025 تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿيندي، هن سال پاڪستان جي تاريخ جا سڀ کان وڏا جا نيشنل گيمز هوندا، گيمز ۾ مردن جا 32 ۽ عورتن جا 29 مقابلا شامل هوندا، جن مان 25 اولمپڪ ۽ 7 غير اولمپڪ رانديون شامل آهن. سيد مراد علي شاهه …

ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 35هين نيشنل گيمز 6 ڊسمبر کان 13 ڊسمبر 2025 تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿيندي، هن سال پاڪستان جي تاريخ جا سڀ کان وڏا جا نيشنل گيمز هوندا، گيمز ۾ مردن جا 32 ۽ عورتن جا 29 مقابلا شامل هوندا، جن مان 25 اولمپڪ ۽ 7 غير اولمپڪ رانديون شامل آهن. سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته صدر آصف علي زرداري افتتاحي تقريب جو خاص مهمان هوندو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ 35هين نيشنل گيمز 2025 جي پهرئين اسٽيرنگ ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ايندڙ راندين کي تاريخي ۽ يادگار بڻايو وڃي ته جيئن 18 سالن کان پوءِ ميزبان بڻجندڙ ڪراچي جو وقار ڀرپور نموني سان اجاگر ٿئي. وڏي وزير چيو ڪراچي کي لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کانپوءِ نيشنل گيمز جي ميزباني جو اعزاز مليو آهي، تنهن ڪري ان کي شاندار ۽ يادگار نموني سان منظم ڪيو وڃي. هن چيو ته 35هين نيشنل گيمز اٽڪل ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي شهر ڪراچي ۾ واپس اچي رهيون آهن. ڪراچي پهريون ڀيرو 1948ع ۾ نيشنل گيمز جي ميزباني ڪئي هئي، اهو ئي سال هو جڏهن پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جو بنياد پيو. ان کان پوءِ لاهور 10 ڀيرا، ڪراچي 8 ڀيرا، پشاور 7 ڀيرا، ڍاڪا ۽ ڪوئيٽا چار چار ڀيرا، جڏهن ته ساهيوال ۽ فيصل آباد هڪ هڪ ڀيرو ميزبان رهيا. هن سال جا نيشنل گيمز پاڪستان جي تاريخ جا سڀ کان وڏا هوندا جن ۾ چارئي صوبا، آزاد ڄمون ڪشمير، اسلام آباد، ٽن سروسز ٽيمن ۽ چار کاتن جا نمائندا حصو وٺندا. مجموعي طور تي 6000 ائٿليٽس، 2800 ٽيم آفيسر ۽ 1100 ٽيڪنيڪل آفيسر شرڪت ڪندا، جنهن سان شرڪت ڪندڙن جو انگ لڳ ڀڳ 10 ھزار تائين پهچي ويندو. گيمز ۾ مردن جا 32 ۽ عورتن جا 29 مقابلا شامل هوندا جن ۾ 25 اولمپڪ ۽ 7 غير اولمپڪ رانديون شامل آهن. مردن جي رانديگرن لاءِ تير اندازي، ايٿليٽڪس، بيڊمنٽن، بيس بال، باسڪٽ بال، باڪسنگ، فٽبال، جمناسٽڪس، هاڪي، جوڊو، ڪراٽي، رگبي، تيراڪي ۽ اسڪواش شامل آهن، جڏهن ته عورتن جي مقابلي ۾ فينسنگ، ٽيبل ٽينس، والي بال، تائڪوانڊو ۽ ويٽ لفٽنگ جهڙيون رانديون شامل آهن. ڪراچي ۾ 24 جڳهن تي مقابلا ٿيندا، جن ۾ سنڌ اسپورٽس بورڊ ڪمپليڪس (ناظم آباد)، اين اي ڊي يونيورسٽي، ڪي پي ٽي اسپورٽس ڪمپليڪس، ڪي ايم سي فٽبال اسٽيڊيم، ڊي اي سي سي ۽ گولف ڪلب، حبيب پبلڪ اسڪول، نيشنل اسپورٽس ٽريننگ اينڊ ڪوچنگ سينٽر ۽ ڪراچي بوٽ ڪلب شامل آهن. افتتاحي ۽ پڄاڻي واري تقريب نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿيندي. راندين واري کاتي طرفان گيمز لاءِ انڊس ڪوئين کي سرڪاري ميسڪوٽ طور تجويز ڪيو ويو آهي، جيڪا سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي سڃاڻپ ۽ سنڌو درياهه جي اتحاد جي علامت آهي. شهر کي سينگارڻ ۽ جوش پيدا ڪرڻ لاءِ ٽي تلوار، نمائش چورنگي، ميٽروپول، ايڪسپو سينٽر، فريئر هال، نيشنل اسٽيڊيم رائونڊ ابائوٽ ۽ سي ويو سميت اهم هنڌن کي روشن ڪيو ويندو ۽ انهن کي وڏين اسڪرينن، ميسڪوٽن ۽ گيمز سان لاڳاپيل ٿيمز سان سينگاريو ويندو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته 14 نومبر کان ٽارچ ريلي قائداعظم جي مزار تان شروع ڪئي وڃي، جيڪا صوبي جي هيڊڪوارٽرن، يونيورسٽين ۽ وفاقي گاديءَ واري هنڌ تائين پهچي ۽ علامتي طور خيبر پختونخوا تائين جاري رهي. ان موقعي تي وڏي وزير هڪ اعليٰ سطحي رابطا ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، تعليم وارو وزير سردار شاهه، راندين وارو وزير محمد بخش خان مهر ۽ ڪراچي جو ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب شامل آهن، جيڪي هر هفتي تيارين جو جائزو وٺندا. سڄي شهر ۾ هڪ وڏي پيماني تي اشتهاري مهم به هلائي ويندي جنهن ۾ چوراهن کي نيشنل گيمز جي تصويرن، وڊيوز ۽ ٿيمز سان سينگاريو ويندو. جڏهن ته ڪيترن ئي مشهور شخصيتن کي برانڊ ايمبيسڊر طور شامل ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي. افتتاحي تقريب جو ثقافتي ٿيم سنڌو درياهه سان گڏ راندين جي ارتقا، زندگيءَ جو درياهه هوندو، جيڪو سنڌ جي قديم تهذيب، صوفي روايت، ڪلاسيڪل ناچ، بصري منظرنامن ۽ شاگردن جي ثقافتي آڇن ذريعي سنڌ جي روح کي اجاگر ڪندو. وڏي وزير چيو سنڌو درياهه رڳو وهي نٿو، اهو ڳنڍي ٿو، جبلن کان سمنڊ تائين اهو اسان جي روايتن، ڪهاڻين ۽ روح کي پنهنجي وهڪري سان گڏ کڻي اچي ٿو. جڏهن اهو سنڌ ۾ پهچي ٿو ته توانائي بڻجي وڃي ٿو، حياتي سان ڀرپور ۽ متحرڪ. ڪراچي سنڌ جي دل، انهن سڀني کي گڏ رکي ٿي. سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري افتتاحي تقريب جو خاص مهمان هوندو،جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو، جنهن سان هن ايونٽ جي قومي اهميت نمايان ٿئي ٿي. راندين، ثقافت ۽ اتحاد جي سنگم سان 35هين نيشنل گيمز 2025 ڪراچي جي تاريخ ۾ نئون باب کولينديون، جتي شهر جي توانائي ۽ سنڌو درياهه جو ازلي وهڪرو پاڪستان جي راندين جي جذبي سان گڏ هڪ عظيم جشن ۾ تبديل ٿي ويندو. اجلاس ۾ تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه، راندين وارو وزير محمد بخش خان مهر (ويڊيو لنڪ ذريعي)، رٿابندي ۽ ترقي وارو وزير ڄام خان شورو، ثقافت وارو وزير ذوالفقار شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ، مختلف کاتن جا سيڪريٽريز، ڊائريڪٽر رانديون منور مهيسر، پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جو صدر ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں