ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پي آءِ ايم اي سي جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري صنعتي ترقي، واپاري موقعن ۽ نوجوانن لاءِ نوان رستا کولڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ سان روزگار جا وڏا موقعا پيدا ٿيندا. گورنر ڪامران خان …
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران پي آءِ ايم اي سي جو باقاعده افتتاح

مزید خبریں
ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پي آءِ ايم اي سي جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري صنعتي ترقي، واپاري موقعن ۽ نوجوانن لاءِ نوان رستا کولڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ سان روزگار جا وڏا موقعا پيدا ٿيندا. گورنر ڪامران خان ٽيسوري مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گورنر جديد صنعتي مصنوعات ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.











