ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري، مرحوم آغا سراج دراني جي گهر پهچي سندس ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته مرحوم آغا سراج خان دراني هڪ سٺو پارليامينٽرين ۽ جمهوري قدرن جو علمبردار هو. سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن سنڌ …
سنڌ جي گورنر ، مرحوم آغا سراج دراني جي ڪٽنب سان تعزيت ڪئي

مزید خبریں
ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري، مرحوم آغا سراج دراني جي گهر پهچي سندس ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته مرحوم آغا سراج خان دراني هڪ سٺو پارليامينٽرين ۽ جمهوري قدرن جو علمبردار هو. سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن سنڌ صوبي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مرحوم جي سياست ۾ رواداري، تحمل ۽ عوام جي خدمت جو پَهلو نمايان رهيو، الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ ڪٽنب کي صبر عطا فرمائي.











