حڪومت ملڪ ۾ ڪيش ليس معيشت کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ڪيش ليس معيشت کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيٽا جي مٽا سٽا وارو پائليٽ پراجيڪٽ ڊسمبر ۾ شروع ٿيندو، ڊجيٽل اڪانومي سان ٽيڪس نيٽ ۾ بهتري ۽ واڌ ايندي، ڊجيٽل ادائيگين ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، سرڪاري سطح تي 2026ع تائين سموريون …

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ڪيش ليس معيشت کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيٽا جي مٽا سٽا وارو پائليٽ پراجيڪٽ ڊسمبر ۾ شروع ٿيندو، ڊجيٽل اڪانومي سان ٽيڪس نيٽ ۾ بهتري ۽ واڌ ايندي، ڊجيٽل ادائيگين ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، سرڪاري سطح تي 2026ع تائين سموريون ادائيگيون ڊجيٽل طريقي سان ٿينديون. اهڙو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ ٻين سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڊجيٽل پاڪستان لاءِ دلچسپي وٺي رهيو آهي. ڊجيٽلائيزيشن ذريعي ملڪ معيشت لاءِ چئن سالن ۾ 10 ارب ڊالرن جو هدف مقرر ڪيو آهي. هلندڙ سال جنوري ۾ ڊجيٽل پاڪستان ايڪٽ منظور ڪيو ويو جنهن تحت ڊجيٽل پاڪستان جو روڊ ميپ ڏنو ويو جنهن جا ٽي پاسا ڊجيٽل سوسائيٽي، ڊجيٽل اڪانومي ۽ ڊجيٽل گورننس آهن، جيڪي پاڻ ۾ جڙيل آهن. هن چيو ته وزيراعظم ملڪ ۾ ڪيش ليس اڪانومي لاءِ ٽي ڪميٽيون جوڙيون، ملڪ ۾ ڪيش ليس اڪانومي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون. ڊجيٽلائيزيشن جي عمل ۾ سمورن ادارن کي هم آهنگ ڪري رهيا آهيون. راست ذريعي ڊجيٽل ادائيگيون به جاري آهن. هن چيو ته ڊيٽا ايڪسچينج ليئر جو پائليٽ پراجيڪٽ ڊسمبر ۾ شروع ٿيندو. ڊجيٽل اڪانومي سان ٽيڪس نيٽ ۾ بهتري ۽ واڌ ايندي. عام شهرين لاءِ آساني پيدا ٿيندي. هن چيو ته ڊجيٽل ادائيگين ۾ 10 سيڪڙو اضافي سان جي ڊي پي گروٿ ۾ هڪ سيڪڙو اضافو ٿئي ٿو. هن چيو ته ساڍا 4 ڪروڙ کان وڌيڪ بجلي جي بلن تي ادائيگي لاءِ ڪيو آر ڪوڊ آهي. بي آءِ ايس پي جون هڪ لک حقدار عورتن جا اڪائونٽ کولرايا ويا آهن. رمضان پئڪيج ڊجيٽل ادائيگين ذريعي ورهايو ويو. 80 لک عورتون ڊجيٽل بئنڪنگ ۾ شامل ٿيون. پاڪ آءِ ڊي ذريعي آن لائن شاختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۾ آساني آهي. اسلام آباد ۾ سمارٽ ايپ سان راست کي هم آهنگ ڪيو ويو آهي. هن ايپ ذريعي اسلام آباد جي شهرين گاڏين جي ٽوڪن ٽيڪس جي مد ۾ هڪ ارب روپيا ادا ڪيا آهن. هن چيو ته ڪيو آر ادائيگين جي سلسلي ۾ ڪيو آر مرچنٽ کي ادائيگي لاءِ ساڍا 3 ارب روپيا رکيا ويا آهن، هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن لاءِ سڀني وٽ انٽرنيٽ ضروري آهي. فائبرائيزيشن بابت مسئلن جي حل لاءِ پوري پاڪستان ۾ رائيٽ آف وي چارجز ختم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن سان ڊجيٽل ادائيگين ۾ آساني ۽ شفافيت پيدا ٿيندا. ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي، بئنڪن کان قرض وٺڻ ۾ آساني ٿيندي. غير روايتي معيشت کي باضابطه بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته جون 2025ع ۾ 5 لک مرچنٽ آن لائن ادائيگيون ڪري رهيا هئا. 2026ع تائين انهن جو انگ 20 لک تائين وٺي وڃڻ هدف آهي. ڊجيٽل بئنڪنگ صارفين جو انگ جون 2025ع ۾ 95 ملين هو، سيپٽمبر 2025ع تائين انهن صارفين جو انگ وڌي 112 ملين تائين پهچي چڪو آهي. جون 2026ع تائين 120 ملين تائين وٺي وڃڻ جو هدف آهي. صنفي اڻبرابري جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، آسان خدمت جلد کان جلد جاري ڪري رهيا آهيون، جنهن ذريعي 150 خدمتون فراهم ڪيون وينديون. سرڪاري سطح تي 2026ع تائين سموريون ادائيگيون ڊجيٽل طريقي سان ٿينديون. بي آءِ ايس پي جي ڊجيٽلائيزيشن کي 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو.