پائيدار اوسر لاءِ ڍانچاجاتي سڌارا لازمي آهن، وزيراعظم سڌارن جو عمل اڳتي وڌائڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پائيدار اوسر لاءِ عروج ۽ زوال جي چڪر جو خاتمو ۽ معاشي استحڪام ۽ سازگار جيو پوليٽيڪل حالتن کي وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ۽ واپار لاءِ ڪتب آڻڻ جو مقصد آهي، ڍانچاجاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي، پائيدار اوسر لاءِ ڍانچاجاتي سڌارا لازمي آهن، وزيراعظم سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ …

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پائيدار اوسر لاءِ عروج ۽ زوال جي چڪر جو خاتمو ۽ معاشي استحڪام ۽ سازگار جيو پوليٽيڪل حالتن کي وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ۽ واپار لاءِ ڪتب آڻڻ جو مقصد آهي، ڍانچاجاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي، پائيدار اوسر لاءِ ڍانچاجاتي سڌارا لازمي آهن، وزيراعظم سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڪالهه هتي حڪومت جي معاشي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پائيدار اوسر اسان جو هدف آهي، ڪلي معيشت جي صورتحال مستحڪم آهي ۽ 3 عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ آءِ ايم ايف جي اسٽاف ليول معاهدي سان پاڪستان جي معاشي رخ جي درست ٿيڻ تي پرڏيهي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پائيدار اوسر لاءِ عروج ۽ زوال جي چڪر جو خاتمو ۽ معاشي استحڪام ۽ سازگار جيو پوليٽيڪل حالتن کي وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ۽ واپار لاءِ استعمال ۾ آڻڻ اسان جو مقصد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن ۾ سڌارا، رائيٽ سائزنگ ۽ نجڪاري جي شعبي ۾ اڳڀرائي جاري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته روانگي واپار ۾ 8.2 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، واپاري خسارو 9 سيڪڙو وڌيو آهي جڏهن ته پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻي ۾ اضافي انهن اثرن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن ۾ خسارو به ضابطي ۾ آهي، هلندڙ مهيني قومي مالياتي ڪميشن جو افتتاحي اجلاس متوقع آهي. هن چيو ته ڍانچاجاتي سڌارن کي منطقي انداز ۾ مڪمل ڪرڻ ضروري آهي، مهانگائي سنگل ڊجٽ ۾ آهي، ڪابينا طرفان اي سي سي کي هدايت ملي آهي ۽ ان جي روشني ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدمن جي نگراني ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير چيو ته اين ايف سي آئيني فورم آهي ۽ ان بابت معاملا صرف انهي فورم تي ڊسڪس ٿيندا. هن چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان مالياتي گنجائش پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگَڙيال چيو ته هڪ سال ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح ۾ 1.49 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، انفورسمنٽ ۽ تعميل جي قدمن ذريعي محصولن جي وصولي ۾ واڌ ٿي آهي، پوري خطي جي ڪنهن به ملڪ ۾ هڪ سال جي عرصي ۾ ايتري نمايان اڳڀرائي نه ٿي آهي، ان ڳالهه کي عالمي بئنڪ به تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته عام طور تي ٽيڪس سڌارن ۾ 3 کان 4 سال لڳندا آهن، ايف بي آر ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي. هلندڙ سال انڪم ٽيڪس ريٽرن فائل ڪندڙن جي انگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، ۽ فائلرز جو انگ 50 لک کان وڌي 59 لک ٿي ويو آهي، ريٽرن سان ٽيڪسن جي وصولي 60.2 ارب ڊالر کان وڌي 69 ارب ٿي چڪي آهي. ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال چيو ته قرضن جو انتظام ۽ پينشن سڌارن جو عمل ڪاميابي سان جاري آهي، هن سال قرضن تي وياج لاءِ بجيٽ جي خرچن جو ڪاٿو 8.2 ٽريلين روپيا آهي، اسان جون نيلاميون آسان انداز ۾ ٿي رهيون آهن، قيمتون مستحڪم آهن، نيلامين ۾ هدفن کان وڌيڪ واڪ ملي رهيا آهن، ڊيبٽ مينيجمينٽ آفيس بهتر ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان فنانسنگ جي آپشنز کي جديد بڻائي رهيا آهيون. زيرو ڪوپن هن سال جي هڪ مثال آهي، هڪ سال ۾ 1.3 ٽريلين روپين جا زيرو ڪوپن جاري ڪيا جنهن جي ڪري مالي خساري ۾ گهٽتائي ٿي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي کي اسان فڪسڊ ڊيٽ قرضن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهيون، ان سان رول اوور جو رسڪ گهٽ ٿيو آهي ۽ استحڪام آيو آهي. سيپٽمبر جي وياج جي مد ۾ 30 ارب روپيا ۽ هن سال آگسٽ ۾ 120 ارب روپين جي بچت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پانڊا بانڊ متعارف ڪرائڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي، شروعاتي طور تي 250 ملين ڊالرن جا بانڊز جاري ڪيا ويندا ۽ بهتر نتيجن جي صورت ۾ هڪ ارب ڊالر تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته پينشن سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، نئين پينشن ڪنٽريبيوٽري اسڪيم تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي، هٿياربند فوج جو سروس اسٽرڪچر مختلف آهي، ان مقصد لاءِ هٿياربند فوج سان صلاح مشورن جو سلسلو جاري آهي، ناڻي واري وزير نان بئنڪنگ فنانس ڪمپني قائم آهي جيڪا سڌي ريت ڪنٽري بيوشن اسڪيمن جا معاملا ڏسي رهي آهي، انهن قدمن سان ايندڙ 10 سالن ۾ پينشن خرچن ۾ 30 سيڪڙو تائين گهٽتائي ايندي، پيرامٽرڪ سڌارن ۾ هٿياربند فوج سان ڳالهيون جاري آهن ۽ ان جا مثبت نتيجا سامهون ايندا.