وزيراعظم جي اڳوڻي ۾ حڪومت نجڪاري جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم جو نجڪاري بابت صلاحڪار

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳوڻي ۾ حڪومت نجڪاري جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، نجڪاري ۾ عالمي سطح جي مالياتي ماهرن جي خدمتن مان فائدو کڻي رهيا آهيون، نجڪاري جو مقصد ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ عوامي سطح تي بهتر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي، يقيني بڻايو پيو وڃي …

اسلام آباد-03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳوڻي ۾ حڪومت نجڪاري جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، نجڪاري ۾ عالمي سطح جي مالياتي ماهرن جي خدمتن مان فائدو کڻي رهيا آهيون، نجڪاري جو مقصد ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ عوامي سطح تي بهتر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي، يقيني بڻايو پيو وڃي ته نجڪاري کانپوءِ ڪنهن به قسم جي اجاره داري قائم نه ٿي سگهي، حڪومت نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي رهي آهي، نجڪاري ڪميشن جي سگهه کي وڌايو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير ۽ ٻين وفاقي وزيرن ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صلاحڪار چيو ته ملڪ ۾ نجڪاري جي حوالي سان چيو ٿو وڃي ته گذريل 20 سالن کان نجڪاري نه ٿي رهي هئي، اها حقيقت آهي ته ايڪڙ ٻيڪڙ ادارن جي نجڪاري ڪئي وئي، گذريل 20 سالن ۾ پرائيويٽائيزيشن نه ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن جڏهن ته ان ۾ ٻه وڏا سبب آهن ڇاڪاڻ ته قيادت جي عزم کانسواءِ دنيا ۾ ڪٿي به نجڪاري نٿي ٿي سگهي، ٻيو عملدرآمد جي سگهه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن انهن ٻن سببن کي ڪڍيو وڃي ته دنيا ۾ ڪٿي به نجڪاري نٿي ٿي سگهي، هميشه اعليٰ قيادت جي عزم جي نتيجن ۾ ئي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نجڪاري مڪمل ٿي سگهي آهي. هن وڌيڪ ته اڄ وزيراعظم محمد شهباز شريف ان حوالي سان پوري طرح پرعزم آهي ۽ سندس قيادت ۾ نجڪاري جي حوالي سان ڀرپور مدد حاصل آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته گذريل مهيني اسان فرسٽ ويمن بئنڪ جي پهرين ٽرانزيڪشن ڪئي آهي، ٽرانزڪيشن ننڍي هجي يا وڏي ان ۾ پورو پراسيس فالو ڪرڻُو پوي ٿو. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ نجڪاري جي حوالي سان اعليٰ قومي قيادت ڀرپور عزم رکي ٿي، هن چيو ته جيڪڏهن نجڪاري ڪميشن ۾ سگهه نه هوندي ته نجڪاري ۾ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان گذريل چار مهينن دوران نجڪاري ڪميشن جي سگهه ۾ واڌ لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو آهي، انهن قدمن جي نتيجي ۾ نجڪاري جي عمل ۾ مدد حاصل ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته نجڪاري پروگرام 2024ع کان 2029ع ۾ 24 ادارا نجڪاري ڪميشن کي ڏنا ويا آهن، انهن تي ڪم جي شروعات ٽن مرحلن ۾ رکي وئي آهي جن تي عملدرآمد رجحانن، سيڙپڪارن جي دلچسپي سميت معيشت ۽ ٻين سببن کي نظر ۾ رکيو ويندو. هن چيو ته فرسٽ ويمن بئنڪ يو اي اي جي هڪ تمام اهم گروپ کي ڏني وئي آهي، جيڪو اتي اسٽاڪ ايڪسچينج جو هڪ اهم ميمبر آهي، اهڙي طرح يو اي اي جو هڪ وڏو ۽ اهم گروپ پاڪستان ۾ داخل ٿيندو، نجڪاري جي عمل ۾ صرف اثاثن کي وڪرو ڪري رقم حاصل ڪرڻ ئي مقصد ناهي پر ڪو به اثاثو درست خريدار کي وڪڻڻ اهم تصور ڪيو وڃي ٿو. قومي فضائي ڪمپني پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي هڪ اهم ٽرانزيڪشن آهي، ان جي نجڪاري لاءِ سيڙپڪارن سان ويجها رابطا آهن جن ۾ پاڪستان جي ٽاپ گروپس سميت 4 ڪنسوريشم، ايئر بليو، فوجي فائونڊيشن ۽ بزنس گروپ جا ٻه ڪنسوريشم پهرين ئي آهن، لڪي گروپ، حبڪو، ڪوهاٽ سيمنٽ ۽ گل احمد انرجي وغيره شامل آهن، ٻي گروپ ۾ عارف حبيب، ليڪ ويو سٽي، فاطمه فرٽيلائيزر ۽ سٽي اسڪول وغيره شامل آهن. هن چيو ته پي آءِ کي سيمنٽ مينوفيڪچررز کي وڪڻڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن جڏهن ته اسان اهو وساري ويٺا آهيون ته انهي گروپس فاطمه فرٽيلائيزر نجڪاري ۾ ورتي ۽ اڄ هي ادارو ملڪ ۾ يوريا جي سپلائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، صلاحڪار وڌيڪ چيو ته عارف حبيب گروپ ملڪ جو اهم گروپ آهي جيڪو مختلف شعبن ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن هائوس بلڊنگ فنانس ڪاپوريشن جي حوالي سان چيو ته ان جي نجڪاري تي به ڪم جاري آهي، هن چيو ته ڊسڪوز جو شعبو انتهائي اهم آهي، اسان آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو سان نجڪاري جو عمل شروع ڪيو آهي، اهي ٽئي ڊسڪوز پنجاب ۾ آهن انهن جي ڪارڪردگي سٺي آهي، ان تي ڪافي ڪم ٿيو آهي. زرعي ترقياتي بئنڪ جي حُوالي سان هن ٻڌايو ته مالياتي صلاحڪار مقرر ٿي چڪو، هن روز ويلٽ جي حوالي سان به آگاهه ڪيو، حيسڪو ۽ سيپڪو جي نجڪاري بابت به قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته جينڪوز، ايل اين جي تي هلندڙ پلانٽس ۽ ڄامشورو ڪول فائر پلانٽ سميت اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن تي به ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ ٽن کان چئن مهينن دوران صلاحڪارن جي مقرري جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، ان کانسواءِ ايئرپورٽس جي مينيجمينٽ کي سڄي دنيا وانگر نجي شعبي جي حوالي ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته اسان ايئرپورٽس کي وڪڻڻ نٿا چاهيون پر اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ايئر پورٽس تي ڊگهي مدي جي پاليسي تحت ڪم ڪري رهيا آهيون، اسلام آباد ايئرپورٽس لاءِ يو اي اي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڪراچي ۽ لاهور جي انتظامن لاءِ آڇ ۾ وينداسين. ايئرپورٽس تي اٽڪل هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. هن چيو ته سڌارا اڄ جي اهم پريس ڪانفرنس جو مقصد هئا، نجڪاري ڪميشن نجڪاري جي عمل ۾ اسٽريٽجڪ رفارمز کي به يقيني بڻائي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته نجڪاري کانپوءِ قومي اثاثن جي ڪارڪردگي بهتري ٿئي، عوام کي سٺي سروس ملي، ميريٽ تي ٻڌل پاليسي تحت درست نجڪاري يقيني ٿئي. هن چيو ته اسان ملازمن جي حقن جي تحفظ کي به اهميت ڏيون ٿا ته چٽاڀيٽي بنيادن تي مارڪيٽ اڪانومي کي هٿي ڏئي سگهجي ۽ ملڪ ۾ نئين نئين ايجادن جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي. صلاحڪار توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان چيو ته هي ٻه اهم سيڪٽر آهن جيڪڏهن انهن ۾ مارڪيٽ بيس هڪجهڙائي نه هجي ته مارڪيٽ ترقي نٿي ڪري سگهي. اثاثن جي نجڪاري کان اڳ ري اسٽرڪچرنگ تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن حڪومت، صارفين ۽ سيڙپڪارن لاءِ ڪو مسئلو پيدا نه ٿئي، هن چيو ته جيڪڏهن اسان سڀ متفق آهيون ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي ته اسان کي اسٽريٽجڪ سڌارن کانسواءِ ٻيا اثاثا توڙي جو اهي منافعي بخش هجن يا خساري ۾ انهن جي نجڪاري ڪرڻي پوندي.