ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان اسلامي جمهوريه ايران جي قونصل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده ملاقات ڪئي. قونصل جنرل سان گڏ مجلس شوريٰ اسلامي (ايران) جو ڊائريڪٽر جنرل خوسروي پڻ موجود هو. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان گڏ صوبائي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فوزيه حميد پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئي. اسپيڪر جي ترجمان موجب اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه مهمانن کي ڀليڪار …
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سان ايران جي قونصل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-03 نومبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان اسلامي جمهوريه ايران جي قونصل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده ملاقات ڪئي. قونصل جنرل سان گڏ مجلس شوريٰ اسلامي (ايران) جو ڊائريڪٽر جنرل خوسروي پڻ موجود هو. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان گڏ صوبائي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فوزيه حميد پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئي. اسپيڪر جي ترجمان موجب اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. قونصل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ايران ۽ پاڪستان پارلياماني دوستي گروپ جي چيئرمين فداحسين مالڪي جو پيغام پڻ پهچايو. ملاقات دوران قونصل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ موجود تاريخي، ثقافتي، مذهبي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي اُجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. هن ٻڌايو ته مجلس شوريٰ اسلامي (ايران) جو اسپيڪر محمد باقر قاليباف جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري تي ايندو، پنهنجي دوري دوران هو صدر پاڪستان، وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقاتون ڪندو. جڏهن ته ايراني اسپيڪر ڪراچي پڻ ايندو ۽ اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان ملاقات ڪندو. قونصل جنرل وڌيڪ چيو ته ايراني اسپيڪر هڪ گڏيل اقتصادي فورم قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ تجويز ڏني آهي ته اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سنڌ چيپٽر جي سربراهي سنڀالي جنهن ۾ نامور ڪاروباري شخصيتون شامل ٿينديون. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه تجويز کي ساراهيو ۽ ٻڌايو ته هو ايراني اسپيڪر جي متوقع دوري بابت اڳ ئي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪو آهي. هن تجويز ڏني ته ايراني اسپيڪر ۽ وفد جي ميزباني سنڌ اسيمبلي ۾ ڪئي وڃي، جتي صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ صوبائي وزير معزز مهمانن جو ڀليڪار ڪن ۽ کين اسيمبلي جي ٻنهي ايوانن جو دورو ڪرايو وڃي. قونصل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ملاقات کي ڪارائتو قرار ڏنو. ان موقعي تي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه مهمان وفد کي سنڌ اسيمبلي جي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي ۽ سنڌي روايت موجب اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو ڏنو، جڏهن ته قونصل جنرل اڪبر عيسيٰ زاده پڻ اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه کي يادگاري سووينيئر پيش ڪيو.











