صدر آصف علي زرداري 04 نومبر اڱاري ڏينهن دوحه قطر ۾ سماجي ترقي جي عالمي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو

اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 04 نومبر اڱاري ڏينهن دوحه قطر ۾ سماجي ترقي جي عالمي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سومر کان اربع تائين سماجي ترقي جي عالمي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قطر جي گادي واري شهر دوحه جي سرڪاري دوري تي آهي. اهو اجلاس قطر جي ميزباني …

اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 04 نومبر اڱاري ڏينهن دوحه قطر ۾ سماجي ترقي جي عالمي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سومر کان اربع تائين سماجي ترقي جي عالمي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قطر جي گادي واري شهر دوحه جي سرڪاري دوري تي آهي. اهو اجلاس قطر جي ميزباني ۾ منعقد ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي حڪومتي ۽ ملڪي سربراهه شريڪ ٿيندا. اجلاس جو مقصد پائيدار ترقي جي 2030ع ايجنڊا کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ آهي. اجلاس جي پڄاڻي تي دوحه سياسي پڌرنامو منظور ڪيو ويندو. بيان موجب صدر آصف علي زرداري 4 نومبر تي اجلاس کي خطاب ڪندو جنهن ۾ هو سماجي انصاف، برابري ۽ انساني وقار جي فروغ جي لاءِ عالمي تعاون ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندو. هو سماجي ترقي خاص طور تي اسرندڙ ملڪن جي حمايت جي لاءِ جامع ۽ سڌاراجاتي عالمي مالياتي ڍانچي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪندو. صدر پنهنجي خطاب ۾ غربت جي خاتمي، صحت، تعليم ۽ پائيدار ترقي جي شعبن ۾ پاڪستان جي ڪاميابين تي روشني وجهندو. اجلاس جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري مختلف عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.