صدر پاران افغانستان جي اترئين علائقي ۾ زلزلي سبب قيمتي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري افغانستان جي اترئين علائقي ۾ زلزلي سبب قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر زلزلي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان …

اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري افغانستان جي اترئين علائقي ۾ زلزلي سبب قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر زلزلي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان آزمائش جي هن وقت ۾ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ الله تعاليٰ افغان ڀائرن ۽ ڀينرن کي حوصلو ۽ صبر عطا فرمائي.