هر سال 10 هزار مائرون ويم کان اڳ وارن مرضن سبب فوت ٿي وڃن ٿيون: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي)قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته هر سال 10 هزار مائرون ويم کان اڳ وارن مرضن سبب فوت ٿي وڃن ٿيون، پاڪستان ۾ بيمارين جو سڀ کان وڏو سبب غربت آهي، هيپاٽائيٽس ۾ پاڪستان بدقسمتي سان پهرين نمبر تي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن فارما ڪوويجيلينس ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ …

اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي)قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته هر سال 10 هزار مائرون ويم کان اڳ وارن مرضن سبب فوت ٿي وڃن ٿيون، پاڪستان ۾ بيمارين جو سڀ کان وڏو سبب غربت آهي، هيپاٽائيٽس ۾ پاڪستان بدقسمتي سان پهرين نمبر تي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن فارما ڪوويجيلينس ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ صحت جو نظام اڃا آئيڊيل پوزيشن تي ناهي، انساني حياتيون بيحد اهم آهن، اسان کي انهن جو قدر ڪرڻ گهرجي. دنيا ۾ هيلٿ ڪيئر جو نظام تيزي سان بدلجي چڪو آهي، مريض ٿيڻ کان بچڻ لاءِ صحت تي ڌيان ڏيڻو پوندو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايڪو سسٽم درست رخ ۾ آڻڻ جون ڪوششون جاري آهن. دنيا اسپتالون خال ڪرڻ واري پاليسي ڏانهن وڌي رهي آهي. دنيا لائيف اسٽائيل ميڊيسن طرف ڏانهن روان دوان آهي، اسپتالن ۾ مريضن جو تعداد گهٽائڻ واري حڪمت عملي جاري آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ڪو مريض آهي ته سمجهڻو پوندو ته ڇو آهي، هيلٿ ڪيئر تي ڌيان ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. ايڪو سسٽم تي غور ڪيو، ڪورونا دوران سپر پاور ملڪ به ٽڙي پکڙجي ويا هئا. وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي سڪ ڪيئر کان هيلٿ ڪيئر ڏانهن وڃڻو پوندو. ٽڪا لڳائڻ گهٽايا ناهن، مهم جاري آهي، دنيا تحقيق مڪمل ڪري ورتي آهي، ڪينسر سبب ڪو به نه مرندو پر پاڪستان ۾ اڃا به ڪينسر موت جو سبب آهي. دنيا ۾ هيلٿ پاليسي سبب فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بيمارين جو سڀ کان وڏو سبب غربت آهي، هيپاٽائيٽس ۾ پاڪستان بدقسمتي سان پهرين نمبر تي آهي. هر سال 10 هزار مائرون ويم کان اڳ وارن مرضن سبب فوت ٿي رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته هڪ بلين ڊالر ويڪسين جي امپورٽ تي خرچ ٿين ٿا، ڪنهن دوا جو رد عمل هجي ته اطلاع ڏيو، اسلام آباد پهريون رابطا مرڪز هوندو، هيلٿ انشورنس تي 10 ارب روپيا خرچ ٿيندا.

مزید خبریں