پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سخت متاثر ٿي رهيو آهي: سينيٽر شيري رحمان

اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئر پرسن  شيري رحمان  چيو آهي، ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سخت متاثر ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي،  هلال احمر پاڪستان هميشه فرنٽ لائين تي رهيو ۽ مان به انسانيت جي خدمت جي ان بي مثال اداري جي قيادت ڪئي آهي. تباهي ڪٿي به اچي پر اها غريب طبقي جو مستقبل تباهه ڪري ٿي.اسان …

اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئر پرسن  شيري رحمان  چيو آهي، ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سخت متاثر ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي،  هلال احمر پاڪستان هميشه فرنٽ لائين تي رهيو ۽ مان به انسانيت جي خدمت جي ان بي مثال اداري جي قيادت ڪئي آهي. تباهي ڪٿي به اچي پر اها غريب طبقي جو مستقبل تباهه ڪري ٿي.اسان ڪوپ 30 ۾ پاڪستان جو ڪيس بهتري انداز ۾ پيش ڪنداسين، هلال احمر پاڪستان طرفان نيشنل ڊائلاگ اهميت جوڳو قدم آهي، اسان کي پائيدار قدمن جي ضرورت آهي، غربت ۾ واڌ، گرمي جي شدت جو وڌڻ، غير معمولي ۽ غير متوقع برساتون، ٻوڏ، ڪڪر ڦاٽڻ، ڏڪار ۽ ڪاربارن جي خارج ٿيڻ سبب ٻيو پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي، اسان کي مختلف بيماريون، جهڙوڪ ڊينگي ۽ مليريا ۽ ٻيون بيماريون سامهون آهن. اسان کي واٽر مينجمينٽ سيوريج، واش ۽ هائيجين جو خيال رکڻو آهي، اسان سمورن متاثر طبقن جي مستقبل لاءِ فڪرمند آهيون. هو ڪالهه هلال احمر پاڪستان جي انتظام هيٺ پري ڪوپ 30 نيشنل ڊائلاگ کي خطاب ڪري رهي هئي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته اسان گدلاڻ جي خاتمي، پلاسٽڪ جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ وڻڪاري مهم ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. هن نوجوان ۽ رضاڪارن کي هڪ بيڪ بون قرار ڏيندي کين چيمپيئن آف چينج قرار ڏنو. هن موسمياتي تبديلين سان هڪجهڙائي لاءِ کنيل قدمن جو به ذڪر ڪيو ۽ زمين هيٺ پاڻي جي سطح جو گهٽ ٿيڻ، گليشيئرز جو پگهرجڻ ۽ ڊيمن جي تعمير سبب مختلف مسئلن تي روشني وڌي. سندس چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي قدرتي وسيلن جو دانشمنداڻو استعمال ڪرڻو آهي، صوبن کي درپيش مسئلن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ماحول جي بهتري لاءِ هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں