ملڪ جي ترقي ۾ گوادر پورٽ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي: گوادر بندرگاھه جو چئيرمين

ڪوئيٽا - 03 نومبر(اي پي پي)گوادر بندرگاھه جي چيئرمين نورالحق بلوچ چيو آھي ته ميري ٽائم انڊسٽري ۾ نوجوانن، خاص طور عورتن لاءِ بي شمار موقعا موجود آھن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ گوادر پورٽ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. انھن خيالن جو اظھار ھن سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان ملڪ گير ميري ٽائم ويڪ جي مناسبت سان گوادر پورٽ تي خاص تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. …

ڪوئيٽا – 03 نومبر(اي پي پي)گوادر بندرگاھه جي چيئرمين نورالحق بلوچ چيو آھي ته ميري ٽائم انڊسٽري ۾ نوجوانن، خاص طور عورتن لاءِ بي شمار موقعا موجود آھن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ گوادر پورٽ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. انھن خيالن جو اظھار ھن سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان ملڪ گير ميري ٽائم ويڪ جي مناسبت سان گوادر پورٽ تي خاص تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گوادر جي گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪالج جي شاگردن ۽ استادن خاص طور شرڪت ڪئي. تقريب سامونڊي معاملن واري وزارت جي ھدايت تي گوادر پورٽ جي چيئرمين نورالحق جي اڳواڻي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن جو مقصد نوجوان نسل خاص طور شاگردن کي ميري ٽائم صنعت جي اھميت ۽ پاڪستان جي اسرندڙ بليو اڪانامي کي اڳتي وڌائڻ ھو. نورالحق بلوچ شاگردن تي زور ڀريو ته ھو سامونڊي معيشت جي امڪانن کي سمجھن ۽ ان شعبي ۾ پنھنجين صلاحيتن کي ڪتب آڻين.ان موقعي تي منعقد سرگرمين جو مقصد شاگردن کي گوادر پورٽ جي اسٽريٽيجڪ ۽ اقتصادي اھميت کان آگاھه ڪرڻ ۽ اھو سمجھائڻو ھو ته ساموندي شعبو عالمي واپار، پائيدار ترقي ۽ قومي معيشت ۾ ڪھڙي طرح اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. مرڪزي تقريب دوران شاگردن کي گوادر پورٽ، چائنا بزنس سينٽر، فري زون ۽ ڊيسيلينيشن پلانٽ جي مختلف حصن جو دورو ڪرايو ويو، جتي کين بندرگاھه جي روزانو جي ڪارروائين ۽ جاري واپاري منصوبن بابت تفصيلي آگاھي ڏني وئي.

مزید خبریں