پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس هڪ لک 63 هزار 601 پوائنٽس تي پهچي ويو

اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو. 100 انڊيڪس 1969کان وڌيڪ پوائنٽس جي واڌ سان هڪ لک 63 هزار 601 جي سطح تي پهچي ويو. سيڙپڪارن جي دلچسپي آٽوموبائيل اسيمبلرز، سيمينٽ، ڪمرشل بئنڪنگ، فرٽيلائيزر، آئل اينڊ گئس ايڪسپلوريشن، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين، بجلي پيداوار ۽ ريفائنري جي شعبن ۾  نمايان رهي. حبڪو، اي آر ايل، ماڙي، او جي ڊي سي، پي پي ايل، …

اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو. 100 انڊيڪس 1969کان وڌيڪ پوائنٽس جي واڌ سان هڪ لک 63 هزار 601 جي سطح تي پهچي ويو. سيڙپڪارن جي دلچسپي آٽوموبائيل اسيمبلرز، سيمينٽ، ڪمرشل بئنڪنگ، فرٽيلائيزر، آئل اينڊ گئس ايڪسپلوريشن، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين، بجلي پيداوار ۽ ريفائنري جي شعبن ۾  نمايان رهي. حبڪو، اي آر ايل، ماڙي، او جي ڊي سي، پي پي ايل، پي او ايل، ايڇ بي ۽ اين بي پي جا شيئرز مثبت زون ۾ ڏسڻ ۾ آيا. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 4898 پوانٽس مان وڌي هڪ لک 61 هزار 631 پوائنٽس جي حد تي بند ٿيو.

مزید خبریں