ملڪ ۾  سون جي قيمت ۾ 1300 روپين جي واڌ، في تولو سون 4 لک 23 هزار 862 روپيا ٿي ويو: رپورٽ

اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1300 روپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 23 هزار 862 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي قيمت ۾ 1300 روپيا واڌ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 23 هزار 862 روپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به هڪ …

اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1300 روپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 23 هزار 862 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي قيمت ۾ 1300 روپيا واڌ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 23 هزار 862 روپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به هڪ هزار 115 روپيا واڌ کان پوءِ 3 لک 62 هزار 278 روپين مان وڌي 3 لک 63 هزار 393 روپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 32 هزار 100 روپين مان وڌي 3 لک 33 هزار 122 روپيا ٿي ويو.

مزید خبریں