سکر -03 نومبر (اي پي پي) آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ايم ڊي ڪيٽ 2025ع جي ٽيسٽ جا حتمي نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن. آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر آصف شيخ موجب نتيجن سان لاڳاپيل 2 هزار اي ميلز وصول ٿيون آهن جڏهن ته نتيجن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي. حتمي نتيجن موجب 56 سيڪڙو اميدوار ايم بي بي ايس جي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ …
آءِ بي اي سکر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جا حتمي نتيجا جاري ڪري ڇڏيا

مزید خبریں
سکر -03 نومبر (اي پي پي) آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ايم ڊي ڪيٽ 2025ع جي ٽيسٽ جا حتمي نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن. آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر آصف شيخ موجب نتيجن سان لاڳاپيل 2 هزار اي ميلز وصول ٿيون آهن جڏهن ته نتيجن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي. حتمي نتيجن موجب 56 سيڪڙو اميدوار ايم بي بي ايس جي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ فيل ٿيا جڏهن ته بي ڊي ايس جا 48 سيڪڙو اميدوار ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿيا. نتيجن موجب 14 هزار 300 اميدوار 55 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ نمبر کڻي ڪامياب ٿي سگهيا جڏهن ته بي ڊي ايس جي لاءِ 17 هزار 123 اميدوار 50 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ نمبر کڻي ڪاميابي ٿيا. اهڙي طرح 56 سيڪڙو اميدوار ايم بي بي ايس جي ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿيا جڏهن ته بي ڊي ايس ۾ 48 سيڪڙو اميدوار ناڪام ٿيا آهن. ايم ڊي ڪيٽ نتيجن موجب سيد محمد خان ولد عدالت خان ڪراچي ضلعي اولهه مان ايم ڊي ڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪيا آهن. هن 180 مان 175 نمبر حاصل ڪيا. ڪورنگي ڪراچي جي فيصل اشرف خان ولد نويد اشرف خان ۽ ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي شيراز حسين ولد نياز حسين مغيري 174 نمبر کڻي ٻي نمبر تي رهيو. اوڀر ڪراچي جي محمد ريان همايون ولد همايون فاروق، ڪورنگي جي ماه نور شاهنواز بنت سيد شاهنواز حسين ۽ حيدرآباد جي حرا عابد ولد عابد علي سهتو 173 نمبر کڻي ٽين نمبر تي رهيا. 124 اميدوار ٽاپ ڪامياب اميدوارن مان 41 اميدوارن جو تعلق ڪراچي سان آهي.











