ڀارت ۾ بس ۽ ڊمپر ٽرڪ ۾ ٽڪر، 20 ماڻهو فوت، ڪيترائي زخمي

نئين دهلي -03 نومبر (اي پي پي) ڀارت جي رياست تلنگانه ۾ بس ۽ بجري سان ڀريل  ڊمپر ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب 20 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.  ميڊيا رپورٽن موجب اختيارين ٻڌايو ته حادثو صبح جو حيدرآباد- بيجاپور نيشنل هاءِ وي تي بجريءَ سان ڀريل ڊمپر ٽرڪ ۽ بس ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي …

نئين دهلي -03 نومبر (اي پي پي) ڀارت جي رياست تلنگانه ۾ بس ۽ بجري سان ڀريل  ڊمپر ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب 20 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.  ميڊيا رپورٽن موجب اختيارين ٻڌايو ته حادثو صبح جو حيدرآباد- بيجاپور نيشنل هاءِ وي تي بجريءَ سان ڀريل ڊمپر ٽرڪ ۽ بس ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. زخمين مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. سينئر پوليس آفيسر  ميڊيا کي ٻڌايو ته حادثي وقت بس ۾ 72 ماڻهو سوار هئا، حادثي کان فورن بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ 3 ڳرين مشينن جي مدد سان ملبو هٽائي زنده بچي ويل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو.

مزید خبریں