ڪابل -03 نومبر(اي پي پي) افغانستان جي اتر ۾ آيل زلزلي سبب 9 ڄڻا فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن. آمريڪي عرضيات کاتي جي سروي موجب ملڪ جي اترئين حصن ۾ رات جو دير سان آيل زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 8.3 هئي، زلزلي جو مرڪز زمين کان 28 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ مزار شريف جي ويجهو هيو. پرڏيهي ميڊيا موجب صحت کاتي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته بلخ …
افغانستان ۾ شديد زلزلو، 9 ڄڻا اجل جو شڪار، سوين زخمي

مزید خبریں
ڪابل -03 نومبر(اي پي پي) افغانستان جي اتر ۾ آيل زلزلي سبب 9 ڄڻا فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن. آمريڪي عرضيات کاتي جي سروي موجب ملڪ جي اترئين حصن ۾ رات جو دير سان آيل زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 8.3 هئي، زلزلي جو مرڪز زمين کان 28 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ مزار شريف جي ويجهو هيو. پرڏيهي ميڊيا موجب صحت کاتي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته بلخ صوبي جي گادي واري هنڌ مزار شريف ۾ زلزلي سبب 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا جڏهن ته اسپتال ۾ 120 زخمين کي آندو ويو. جن جي طبي امداد جاري آهي. بلخ سان لاڳاپيل صوبي سمنگان ۾ 5 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 143 زخمي ٿيا آهن. زلزلي سبب متاثر علائقي ۾ پرڏيهي ميڊيا جي جي هڪ نمائندي چيو ته زلزلي سبب مزار شريف جا رهاڪو فوفزده ٿي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.زلزلي جا لوڏا ان جي مرڪز کان 420 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ ڪابل ۾ به محسوس ڪيا ويا.










