حيدرآباد – 02 نومبر (اي پي پي) وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ حيدرآباد جي ريجنل هيڊ غلام رسول آهپن چيو آهي، ته وفاقي حڪومت جي ادارن ۾ بدانتظامي خلاف وفاقي محتسب وٽ شڪايتون درج ڪرائي فوري طور انصاف حاصل ڪرڻ ممڪن آهي، وفاقي محتسب ۾ شڪايت درج ڪرائڻ جي نه ڪا فيس آهي ۽ نه ئي وڪيل ڪرڻ جي ضرورت آهي، شهري سادي ڪاغذ تي پنهنجي شڪايت لکي قومي سڃاڻپ ڪارڊ سان …
وفاقي محتسب لاڙڪاڻو آفيس جو افتتاح هلندڙ مهيني ٿي ويندو: وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ حيدرآباد جو ريجنل هيڊ غلام رسول آهپن

مزید خبریں
حيدرآباد – 02 نومبر (اي پي پي) وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ حيدرآباد جي ريجنل هيڊ غلام رسول آهپن چيو آهي، ته وفاقي حڪومت جي ادارن ۾ بدانتظامي خلاف وفاقي محتسب وٽ شڪايتون درج ڪرائي فوري طور انصاف حاصل ڪرڻ ممڪن آهي، وفاقي محتسب ۾ شڪايت درج ڪرائڻ جي نه ڪا فيس آهي ۽ نه ئي وڪيل ڪرڻ جي ضرورت آهي، شهري سادي ڪاغذ تي پنهنجي شڪايت لکي قومي سڃاڻپ ڪارڊ سان گڏ وفاقي محتسب جي لاڳاپيل آفيسن ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن ”اي پي پي“ کي خاص انٽرويو ڏيڻ دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن جيئان سنڌ ۾ به 4 ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ڪراچي، سکر، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ به وفاقي محتسب جون ريجنل آفيسون موجود آهن ۽ هاڻي هڪ وک اڳتي وڌندي اسان لاڙڪاڻي ۾ به آفيس قائم ڪئي آهي، جنهن جو افتتاح وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي هلندڙ مهيني ڪندو. هن چيو ته لاڙڪاڻو آفيس کي 4 ضلعا لاڙڪاڻو، قمبر- شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ دادو ڏنا ويا آهن، جتان جا ماڻهو هاڻي وفاقي محتسب جي لاڙڪاڻو آفيس ۾ پنهنجون درخواستون ۽ شڪايتون درج ڪرائي سگهندا ۽ کين هاڻي سکر يا حيدرآباد اچڻ جي پريشاني نه ڏسڻي پوندي. غلام رسول آهپن چيو ته شهري بجلي، ايس ايس جي سي، نادرا، اسٽيٽ لائيف، پاڪستان ريلوي، پوسٽ آفيس، بي آءِ ايس پي، پاسپورٽ آفيس ۽ اي او بي آءِ سميت ٻين وفاقي ادارن يا جن ادارن جي پاڪستان حڪومت وٽ رجسٽريشن آهي، انهن خلاف شڪايتون اسان کي پهچائي سگهن ٿا ته جيئن فوري طور جائز انصاف جي فراهمي ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته لاڙڪاڻو آفيس کي سيپٽمبر ۾ نوٽيفاءِ ڪيو ويو هو، جنهن جو هلندڙ مهيني افتتاح ٿي ويندو. هن چيو ته حيدرآباد ڊويزن وٽ 9 ضلعا حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊومحمد خان، بدين، شهيد بينظير آباد (نوابشاه)، ٺٽو، سجاول ۽ دادو آهن، پر هاڻي انهن مان دادو کي لاڙڪاڻو آفيس جي حوالي ڪيو ويو آهي. ريجنل هيڊ وفاقي محتسب غلام رسول آهپن چيو ته وفاقي محتسب جي حيدرآباد آفيس 2015ع کان ڪم شروع ڪيو هو ۽ تڏهن کان جون 2025ع تائين اسان کي مجموعي طور تي 85 هزار 775 شڪايتون وصول ٿيون، جن مان 65 هزار 697 شڪايتون حل ڪيون ويون آهن ۽ باقي ڪيس پراسيس يا عمل جي مرحلن ۾ آهن. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ شڪايتون حيسڪو خلاف وصول ڪيون ويون آهن. هن چيو ته وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ وٽ درج ٿيندڙ شڪايتن تي 60 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ ضروري آهي، ان عرصي دوران لاڳاپيل ڪيس جي هڪ يا ٻه ٻڌڻي ٿيندي آهي ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ ته ستن ڏينهن اندر ئي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو آهي. غلام رسول آهپن چيو ته وفاقي محتسب جي اداري وٽ ٽن طريقن سان شڪايتون يا درخواستون درج ڪرائي سگهجن ٿيون، ذاتي طور تي لکت واري درخواست ڪري سگهجي ٿي، آن لائن يعني ويب سائيٽ ذريعي به درخواست ڏئي سگهجي ٿي جڏهن ته وفاقي محتسب جي ايپ پڻ موجود آهي، جنهن وسيلي پڻ درخواستون وصول ٿينديون آهن، پر گهڻي ڀاڱي درخواستون ويب سائيٽ ذريعي ۽ لکت واري صورت ۾ اينديون آهن. ريجنل هيڊ غلام رسول آهپن وڌيڪ چيو ته وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ طرفان انصاف حاصل ڪرڻ واري عمل کي يقيني بنائڻ لاءِ ضلعن ۾ کليل ڪچهريون ۽ آفيسن جا دورا پڻ ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته جيڪڏهن ڪنهن ضلعي مان شڪايتون گهڻيون اچي وينديون آهن ته پوءِ ماڻهن کي وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ گهرائڻ بدران اسان لاڳاپيل ضلعي ۾ پاڻ وڃي ماڻهن کي ٻڌندا آهيون ۽ اتي ئي سندن مسئلا حل ڪيا ويندا آهن. ان کان علاوه اسان آگاهي سيمينار پڻ منعقد ڪندا آهيون، جن تحت اسان تعليمي ادارن ۽ مختلف هنڌن تي آگاهي پروگرام منعقد ڪندا آهيون ته جيئن انصاف جي فراهمي لاءِ جاري حڪومتي ڪوششن ذريعي وڌ کان وڌ ماڻهن کي انصاف ڏئي سگهجي. آگاهي قدمن جي ڪري پڻ اسان وٽ شڪايتون کڻي ايندڙ ماڻهن جي ڪڏهن ڪڏهن رش وڌي ويندي آهي ۽ اسان جي سيڪريٽريٽ جي موجوده گنجائش به پوري نه پئجي سگهندي آهي. هن چيو ته اسان ميڊيا ذريعي پڻ آگاهي کي هٿي ڏيون ٿا، اسان وٽ اوپن ٽرائلز ٿيندا آهن ۽ ڪو به ان جو مشاهدو ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن جيڪي آفيسر پنهنجي آفيسن ۾ ماڻهن سان ملڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن انهن کي شڪايتن جي صورت ۾ اسان پاڻ وٽ گهرائيندا آهيون ۽ اهي اسان وٽ اچي شڪايت ڪندڙن جي آڏو سندن جوابده ٿيندا آهن.











