آزاد صحافت هڪ مضبوط، شفاف ۽ جمهوري پاڪستان جي ضمانت آهي، باخبر ۽ ذميوار صحافت ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنياد آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد -02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته آزاد صحافت هڪ مضبوط، شفاف ۽ جمهوري پاڪستان جي ضمانت آهي، آزاد، باخبر ۽ ذميوار صحافت ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنياد آهي، پنهنجي پيشيواراڻا فرض انجام ڏيڻ دوران انهن خلاف تشدد، ڌمڪي يا انتقام تي ٻڌل ڏوهه اصل ۾ اظهار جي آزادي تي حملو آهن. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان صحافين خلاف …

اسلام آباد -02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته آزاد صحافت هڪ مضبوط، شفاف ۽ جمهوري پاڪستان جي ضمانت آهي، آزاد، باخبر ۽ ذميوار صحافت ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنياد آهي، پنهنجي پيشيواراڻا فرض انجام ڏيڻ دوران انهن خلاف تشدد، ڌمڪي يا انتقام تي ٻڌل ڏوهه اصل ۾ اظهار جي آزادي تي حملو آهن. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اڄ جو ڏينهن اسان کي ان حقيقت جي ياد ڏياري ٿو ته آزاد، باخبر ۽ ذميوار صحافت ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنياد آهي، صحافي حقيقتن تائين عوام جي رسائي کي ممڪن بڻائين ٿا ۽ سچائي جا علمبردار هوندا آهن. پنهنجا پيشيواراڻا فرض انجام ڏيڻ دوران انهن خلاف تشدد، ڌمڪي يا انتقام تي ٻڌل ڏوهه اصل ۾ اظهار جي آزادي تي حملو آهن. هن چيو ته مان ان موقعي تي انهن سمورن صحافين کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جن حق ۽ سچ خاطر تڪليفون برداشت ڪيون ۽ هن اهل قلم ۽ ميڊيا ورڪرز جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيان ٿو جن پنهنجن پيارن کي فرض انجام ڏيڻ دوران وڃايو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت آزاد صحافت جي تحفظ ۽ صحافين کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اسان اهڙا سمورا قدم کڻنداسين جن سان صحافين خلاف ڏوهن جي اثرائتي جاچ، انصاف جي فراهمي ۽ انهن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته مان عالمي برادري، ميڊيا جي ادارن ۽ سول سوسائٽي کي به اپيل ڪيان ٿو ته هو صحافين جي تحفظ ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. آزاد صحافت هڪ مضبوط، شفاف ۽ جمهوري پاڪستان جي ضمانت آهي.

مزید خبریں