وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران احسن ڀون کي اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ واضح ڪاميابي تي مبارڪون

اسلام آباد -02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊپينڊنٽ گروپ ۽ ان جي سربراهه احسن ڀون کي اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ واضح ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته مون کي يقين آهي ته نوان چونڊيل عهديدار ايمانداري، پيشيواراڻي مهارت ۽ معاشري لاءِ ذميواري جي احساس سان پنهنجون خدمتون انجام ڏيندا رهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان …

اسلام آباد -02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊپينڊنٽ گروپ ۽ ان جي سربراهه احسن ڀون کي اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ واضح ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته مون کي يقين آهي ته نوان چونڊيل عهديدار ايمانداري، پيشيواراڻي مهارت ۽ معاشري لاءِ ذميواري جي احساس سان پنهنجون خدمتون انجام ڏيندا رهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم انڊپينڊنٽ گروپ، احسن ڀون ۽ سوڀ مانيندڙ سمورن وڪيلن لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وڪيل برادري جمهوريت جي مضبوطي، انصاف کي يقيني بڻائڻ ۽ شهرين جي حقن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته نوان چونڊيل عهديدار ايمانداري، پيشيواراڻي مهارت ۽ معاشري لاءِ ذميواري جي احساس سان پنهنجون خدمتون انجام ڏيندا رهندا. وزيراعظم چيو ته مون کي اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار عدليه ۽ قانون جي سر بلندي لاءِ به پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن چيو ته قانون وارو وزير وڪيلن جي مسئلن جي حل لاءِ سرگرم آهي. وڪيل برادري جي مسئلن جي حل لاءِ قانون وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ مسلسل ڪوششن ۽ انهن سان رابطي ۾ رهندو آهي. وڪيل برادري سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي اصولي موقف اختيار ڪيو، اصول تي ووٽ ڏيڻ جو ثمر ڪاميابي جي صورت ۾ مليو.

مزید خبریں