صدر آصف علي زرداري قطر ۾ رٿيل ٻي عالمي سماجي ترقياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو

اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري قطر ۾ رٿيل ٻي عالمي سماجي ترقياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب هي ڪانفرنس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي انتظام هيٺ 4 کان 6 نومبر تي دوحا ۾ ٿيندي. صدر آصف علي زرداري سماجي ترقي، روزگار جي موقعن کي هٿي وٺرائڻ ۽ جامع معاشي اوسر لاءِ پاڪستان جي عزم …

اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري قطر ۾ رٿيل ٻي عالمي سماجي ترقياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب هي ڪانفرنس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي انتظام هيٺ 4 کان 6 نومبر تي دوحا ۾ ٿيندي. صدر آصف علي زرداري سماجي ترقي، روزگار جي موقعن کي هٿي وٺرائڻ ۽ جامع معاشي اوسر لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪندو ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سماجي تحفظ، غربت ۾ گهٽتائي ۽ ڪمزور طبقي جي استحڪام ۾ بنيادي ڪردار تي روشني وجهندو. صدر آصف علي زرداري دوحا الائنڊ سوشل پروٽيڪشن اينڊ جابز ڪمپيڪٽ 28-2026ع جي شروعات لاءِ پاڪستان جي تياري جي حوالي سان به خيالن جو اظهار ڪندو. هي منصوبو غير رسمي ورڪرز، معذور ماڻهن ۽ ٻارن لاءِ  سماجي تحفظ جي دائري کي وڌائڻ ۽ ماحول دوست روزگار کي هٿي وٺرائڻ بابت آهي. صدر مملڪت دوحا پوليٽيڪل ڊڪلريشن ۽ عالمي ترقياتي واعدن سان هم آهنگ پاڪستان جي منصوبن کي اجاگر ڪندو. صدر آصف علي زرداري ترقياتي حصيدارن ۽ عالمي مالياتي ادارن سان ويجهي تعاون جي عزم کي ورجائيندو. صدر مملڪت ايس ڊي جي اسٽيمولس، سماجي ۽ ماحولياتي تبديلين بابت قرض ۽ چين جي گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽيو جهڙن ذريعن ذريعي مالي وسيلن کي حاصل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريندو. صدر مملڪت دوحا سربراهي اجلاس جي نتيجن کي عملي قدمن ۾ بدلائڻ ۽ پائيدار، جامع ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندو. ان موقعي تي صدر  مملڪت عالمي ۽ علائقائي اڳواڻن خاص ڪري قطر جي قيادت ۽ گڏيل قومن سميت اهم عالمي تنظيمن جي سربراهن سان اهم ملاقاتون به ڪندو.

مزید خبریں