اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪ پرڏيهي وزير جي دعوت تي اڄ 3 نومبر تي هڪ ڏينهن جي دوري تي استنبول روانو ٿيندو جتي هو عرب اسلامي پرڏيهي وزيرن جي رابطا اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب استنبول اجلاس دوران پاڪستان جنگ بندي معاهدي تي مڪمل عملدرآمد، والاريل فلسطيني علائقن خاص ڪري غزه مان اسرائيلي فوج جي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ترڪ پرڏيهي وزير جي دعوت تي اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي استنبول روانو ٿيندو

مزید خبریں
اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪ پرڏيهي وزير جي دعوت تي اڄ 3 نومبر تي هڪ ڏينهن جي دوري تي استنبول روانو ٿيندو جتي هو عرب اسلامي پرڏيهي وزيرن جي رابطا اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب استنبول اجلاس دوران پاڪستان جنگ بندي معاهدي تي مڪمل عملدرآمد، والاريل فلسطيني علائقن خاص ڪري غزه مان اسرائيلي فوج جي مڪمل نيڪالي، فلسطيني عوام کي بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي ۽ غزه جي نئين سر تعمير جي ضرورت تي زور ڀريندو. پاڪستان 7 ٻين عرب اسلامي ملڪن سان گڏ ان امن قدم ۾ سرگرم رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ شرم الشيخ ۾ ”غزه امن معاهدي“ تي صحيحون ٿيون. پاڪستان ان ڳالهه کي به ورجائيندو ته سمورين ڌرين کي گڏجي هڪ آزاد، قابل عمل ۽ جاگرافيائي طور مڪمل فلسطيني رياست جي قيام لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس شريف هجي، جيڪو 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ جيڪو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عرب امن منصوبي موجب هجي. پاڪستان امن، انصاف ۽ فلسطيني عوام جي عزت نفس جي بحالي ۽ سندن خوداراديت واري حق جي حاصلات لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي عزم تي قائم آهي.











