قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون

اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شاندار ڪاميابي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. هن رانديگرن جي بهترين ٽيم ورڪ، نظم و ضبط ۽ شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته قومي ٽيم جي اها فتح سڄي قوم لاءِ بي حد فخر ۽ خوشي جو سبب آهي. سردار اياز صادق چيو ته اسان جي رانديگرن …

اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شاندار ڪاميابي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. هن رانديگرن جي بهترين ٽيم ورڪ، نظم و ضبط ۽ شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته قومي ٽيم جي اها فتح سڄي قوم لاءِ بي حد فخر ۽ خوشي جو سبب آهي. سردار اياز صادق چيو ته اسان جي رانديگرن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي غير معمولي ٽيلنٽ، عزم ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪندي قومي پرچم کي بلند ڪيو آهي. هن قومي ٽيم جي صلاحيتن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني رانديگرن ۾ دنيا جي ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏيڻ جي مڪمل قابليت موجود آهي.