اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ (اڄ) سومر کان شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي لاءِ مختل بينچ جوڙي ڇڏيا آهن. جاري ڪيل فهرست مطابق مجموعي طور تي 6 بينچز ۽ هڪ آئيني بينچ پنهنجي پنهنجي نوعيت جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي. پهرين بينچ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل هوندي. ٻئين بينچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس علي باقر نجفي شامل آهن. ٽين …
سپريم ڪورٽ اڄ کان شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي لاءِ بينچز جوڙي ڇڏيا

مزید خبریں
اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ (اڄ) سومر کان شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي لاءِ مختل بينچ جوڙي ڇڏيا آهن. جاري ڪيل فهرست مطابق مجموعي طور تي 6 بينچز ۽ هڪ آئيني بينچ پنهنجي پنهنجي نوعيت جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي. پهرين بينچ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل هوندي. ٻئين بينچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس علي باقر نجفي شامل آهن. ٽين بينچ ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس عائشه اي ملڪ شامل آهن. آئيني بينچ جي سربراهي جسٽس امين الدين خان ڪندو جڏهن ته ان بينچ ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس عقيل احمد عباسي، جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس عامر فاروق شامل آهن. پنجين بينچ ۾ جسٽس عطهر من الله، جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان شامل آهن. ڇهين بينچ جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس مينگل حسن اورنگزيب تي ٻڌل هوندي. سپريم ڪورٽ جي انهن بينچ جي جُڙڻ کان پوءِ هلندڙ هفتي اهم آئيني، ديواني ۽ فوجداري ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿينديون.











