ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 27 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 52 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار 600 ڪيوسڪ …

اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 27 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 52 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 7هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 35 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 10 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 53هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 47 هزار ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 40 هزار 600 ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 21 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 هزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1543.83 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.373 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1233.25 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 6.590 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 645.60 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.161 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.