نائيجيريا ۾ عيسائين کي ايئن قتل ڪيو ويندو رهيو ته ان خلاف فوجي ڪارروائي ڪري سگهون ٿا: صدر ٽرمپ

واشنگٽن -02 نومبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته نائيجيريا ۾ عيسائين کي قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته اسان ان خلاف فوجي ڪارروائي ڪري سگهون ٿا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي، ته نائيجيريا کي ملندڙ سموري امداد روڪي ويندي، جيڪڏهن آمريڪا نائيجيريا ۾ پنهنجي فوج موڪلي ته اسلامڪ دهشتگردن جي مڪمل …

واشنگٽن -02 نومبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته نائيجيريا ۾ عيسائين کي قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته اسان ان خلاف فوجي ڪارروائي ڪري سگهون ٿا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو آهي، ته نائيجيريا کي ملندڙ سموري امداد روڪي ويندي، جيڪڏهن آمريڪا نائيجيريا ۾ پنهنجي فوج موڪلي ته اسلامڪ دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري طاقت سان ڪارروائي ڪئي ويندي. نائيجيريا جي حڪومت پاران عيسائين جي قتل جي روڪٿام نه ڪرڻ جي صورت ۾ دفاع واري کاتي کي آفريقي ملڪ ۾ فوجي ڪارروائي جي تياري جو حڪم ڏنو ويو آهي. نائيجيريا جي وزيراعظم طرفان ان بيان تي ڪو به رد عمل سامهون نه آيو آهي.

مزید خبریں