حيدرآباد01- نومبر (اي پي پي) حيدرآباد جي ڪمشنر فياض حسين عباسي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي خاص هدايتن تي عمل ڪندي سڄي ضلعي ۾ مڇر مار مهم جاري آهي، مڇر مار اسپري صبح جو سوير ۽ شام جي وقت ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڊينگي وائرس ۽ مليريا کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب لطيف آباد ، قاسم آباد ۽ سٽي تعلقي جا اسسٽنٽ ڪمشنر …
حيدرآباد جي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي سڄي ضلعي ۾ مڇر مار مهم جاري

مزید خبریں
حيدرآباد01- نومبر (اي پي پي) حيدرآباد جي ڪمشنر فياض حسين عباسي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي خاص هدايتن تي عمل ڪندي سڄي ضلعي ۾ مڇر مار مهم جاري آهي، مڇر مار اسپري صبح جو سوير ۽ شام جي وقت ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڊينگي وائرس ۽ مليريا کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب لطيف آباد ، قاسم آباد ۽ سٽي تعلقي جا اسسٽنٽ ڪمشنر مهم جي نگراني ڪري رهيا آهن، ته جيئن حيدرآباد ضلعي جي ماڻهن کي صاف ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪري سگهجي.











