گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل والاريل ڄمون ۽ ڪشمير سميت پرڏيهي قبضي وارن علائقن جي رهواسين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري: پاڪستان

گڏيل قومون 01- نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل تي زور ڀريو آهي، ته اها ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير سميت پرڏيهي قبضي وارن ٻين علائقن جي رهواسين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي انساني …

گڏيل قومون 01- نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل تي زور ڀريو آهي، ته اها ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير سميت پرڏيهي قبضي وارن ٻين علائقن جي رهواسين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جو عزم ڪندي 47 ميمبرن تي مشتمل ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي، ته اها عالمي قانونن جي پاسداري ۽ ڄمون ڪشمير سميت ٻين والاريل علائقن ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري. هن چيو ته جنيوا ۾ قائم ڪائونسل پراڻن بحرانن ۽ اڀرندڙ مسئلن جو احاطو ڪندي آهي، ان کي حقن جي سمورن زمرن تي برابر ڌيان برقرار رکڻ گهرجي. انساني حقن واري ڪائونسل جي رپورٽ تي تبصرو ڪندي پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان سنگين حالتن تي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاران ڌيان ڏيڻ کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو آهي، جنهن ۾ فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حق کان لڳاتار انڪار ۽ ميانمار ۾ روهينگا مسلمانن جي حالت پڻ شامل آهي.  پاڪستاني نمائندي انساني حقن جي هڪ مربوط ۽ برابر عالمي نظام لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي مينڊيٽ کي بنا ڪنهن فرق جي لاڳو ڪرڻ ۽ ان جي ميڪانزم ۾ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ان عمل ۾ ڪائونسل کي  وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڇي ته ڪائونسل جي مينڊيٽ تي عملدرآمد ان جي ساک ۾ اضافو ڪري ۽ انساني حقن جي احترام کي هٿي وٺائڻ ۾ سهڪار ڪري. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته ڪائونسل کي ڳالهين ۽ سهڪار جو هڪ فورم ٺاهڻ گهرجي، محاذ آرائي ۽ سياست نه ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ته سمورن انساني حقن جي عدم تقسيم ۽ هڪ ٻئي تي دارومدار  گڏيل قومن جا بنيادي اصول آهن. پاڪستاني نمائندي ڪائونسل تي زور ڀريو ته اها گڏيل قومن جي 2030ع واري غربت واري ايجنڊا جي واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ انساني حقن، ترقي  ۽ هم آهنگي تي هڪجهڙي ڌيان کي يقيني بڻائي.  پاڪستاني نمائندي 28-2026ع لاءِ انساني حقن واري ڪائونسل جو ٻيهر ميمبر چونڊجڻ طور هڪ متوازن، اصولي ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحال تي تبصري جي جواب ۾ چيو ته ڀارتي نمائندو هڪ ڀيرو ٻيهر ڄمون ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ حصو هئڻ جو راڳ آلاپي رهيو آهي. هن چيو ته ڪشمير جي ان تڪراري حيثيت کي گڏيل قومون ۽ عالمي برادري تسليم ڪري ٿي. اسان ان ڳالهه جو عزم ورجايون ٿا ته ڀارتي حڪومت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي ماڻهن جي حوالي سان پنهنجي عالمي انساني حقن جون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن ۽ اسان ڀارتي نمائندي کي مشورو ڏيون ٿا ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي صورتحال تان ڌيان هٽائڻ وارا هربا استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري. اجلاس ۾ ٻين مقررن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل انسانيت جي پنگاهه طور ڪم ڪندي آهي جيڪا نه رڳو تحفظ فراهم ڪري ٿي پر گڏيل قومن جي چارٽر ۾ داخل انساني حقن جي وعدن کي به پورو ڪري ٿي. ان موقعي تي جنرل اسيمبلي جي صدر اينا لينا بائر بوڪ به خطاب ڪيو.