ساميا حسن تنزانيه جي صدر چونڊجي وئي

دودوما 01- نومبر (اي پي پي) تنزانيه جي حڪمران پارٽي (چاما چاما پينوزي)  سان تعلق رکندڙ موجوده صدر ساميا صولحو حسن صدارتي چونڊن ۾ 97.66 سيڪڙو ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اهڙو اعلان ڇنڇر ڏينهن آزاد قومي اليڪشن ڪميشن ڪيو. ساميا حسن 2010- کان 2021ع تائين نائب صدر جي عهدي تي پڻ ڪم ڪري چڪي آهي. هوءَ مارچ 2021ع ۾ ان وقت صدر بڻي هئي …

دودوما 01- نومبر (اي پي پي) تنزانيه جي حڪمران پارٽي (چاما چاما پينوزي)  سان تعلق رکندڙ موجوده صدر ساميا صولحو حسن صدارتي چونڊن ۾ 97.66 سيڪڙو ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اهڙو اعلان ڇنڇر ڏينهن آزاد قومي اليڪشن ڪميشن ڪيو. ساميا حسن 2010- کان 2021ع تائين نائب صدر جي عهدي تي پڻ ڪم ڪري چڪي آهي. هوءَ مارچ 2021ع ۾ ان وقت صدر بڻي هئي جڏهن ته ان وقت جو صدر دل جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. واضح رهي ته تنزانيه ۾ چونڊون هر پنجن سالن بعد منعقد ڪيون وينديون آهن. ۽ عوام صدر، پارليامينٽ ميمبرن ۽ مقامي ڪائونسل جي نمائندن جي چونڊ ڪندو آهي.