واشنگٽن 01- نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه صحافين تي وائيٽ هائوس جي پريس آفيس تائين اجازت کان سواءِ رسائي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. صحافين کي اڳواٽ اجازت کان سواءِ پريس آفيس جي مرڪزي حصي تائين جنهن کي اپر پريس چيو ويندو آهي، جتي پريس سيڪريٽري جي آفيس پڻ آهي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي. ان پابندي جو سبب حساس مواد جي تحفظ …
حساس مواد جو تحفظ، صحافين جي وائيٽ هائوس جي اپر پريس تائين بنا اجازت داخلا تي پابندي
واشنگٽن 01- نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه صحافين تي وائيٽ هائوس جي پريس آفيس تائين اجازت کان سواءِ رسائي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. صحافين کي اڳواٽ اجازت کان سواءِ پريس آفيس جي مرڪزي حصي تائين جنهن کي اپر پريس چيو ويندو آهي، جتي پريس سيڪريٽري جي آفيس پڻ آهي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي. ان پابندي جو سبب حساس مواد جي تحفظ جي ضرورت ٻڌايو ويو آهي. وائيٽ هائوس جي سڌ سماءَ واري ڊائريڪٽر اسٽيون چيونگ ان قدم جو دفاع ڪندي چيو آهي، ته صحافي ڪابينه ميمبرن کي اوچتو گهيري ۾ وٺندا آهن ۽ ڳجهي طور تي ويڊيو ۽ آڊيو رڪارڊنگ ڪندا آهن. جنهن کان پوءِ اها رڪارڊنگ سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي ويندي آهي. ان قدم جو مقصد اپر پريس ۾ حساس مواد کي محفوظ رکڻ پڻ آهي. واضح رهي ته اها پاليسي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن ٽرمپ انتظاميه صحافين تي وڌيڪ پابنديون لڳائي رهي آهي.








