ڪراچي-31 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان نيپال جي سفير رتا ڌتل گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ نيپال جي اعزازي قونصل جنرل مشتاق ڇاپڙا سوڌو ٻيون شخصيتون به موجود هيون. ملاقات دوران پاڪ نيپال گڏيل لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ سهڪار ، سياحت کي هٿي وٺائڻ ، ثقافتي مٽاسٽا ۽ صوبي ۾سيڙپڪاري جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. گورنر ان موقعي تي چيو ته …
سنڌ جي گورنر سان نيپال جي سفير جي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-31 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان نيپال جي سفير رتا ڌتل گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ نيپال جي اعزازي قونصل جنرل مشتاق ڇاپڙا سوڌو ٻيون شخصيتون به موجود هيون. ملاقات دوران پاڪ نيپال گڏيل لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ سهڪار ، سياحت کي هٿي وٺائڻ ، ثقافتي مٽاسٽا ۽ صوبي ۾سيڙپڪاري جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. گورنر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ اقتصادي ۽ تعليمي سهڪار ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيپال سان واپاري ۽ تعليمي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جا خواهشمند آهيون. گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ نيپالي سفير پاڪ نيپال دوستي جي علامت طور تي جهنڊو ڦڙڪايو. نيپالي سفير وڻڪاري مهم تحت گورنر هائوس ۾ ٻوٽو لڳايو ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجي تاثر لکيا. گورنر ان موقعي تي چيو ته هو جلد نيپال جو دورو ڪندو ته جئين اتان جي چيمبر آف ڪامرس ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطن کي وڌيڪ زور وٺائي سگهجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌيون اڏامون شروع ڪرڻ لاءِ سول ايوي ايشن ۽ وفاقي حڪومت سان ڳالهايو ويندو. گورنر نيپالي سفير کي اميد جي گهنٽي جو به دورو ڪرايو، هن گورنر جي ان عوامي ڀلائي واري قدم کي بهترين قرار ڏنو. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته سڀني صوبن ۾ اي چالان جو هڪجهڙو نظام لاڳو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ته جئين ٽريفڪ قانون لاڳو ڪرڻ جي ڏس ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿي سگهي. هن چيو ته ڊينگي جي صورتحال تي سنڌ حڪومت کي فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي. گورنر خاطري ڪرائي ته هو پاڻ به ڊينگي ڪيسن تي نوٽيس وٺندو ته جئين عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي.











