اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ پُرعزم آهي، ڪنهن به اڳرائيءَ جو جواب سخت ۽ شديد هوندو. اهڙو اظهار هن ايبٽ آباد ۾ مختلف يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن سان ويهڪ دوران خاص ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. ڊي جي، آءِ ايس پي آر …
پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ پُرعزم آهي، ڪنهن به اڳرائيءَ جو جواب سخت ۽ شديد هوندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ پُرعزم آهي، ڪنهن به اڳرائيءَ جو جواب سخت ۽ شديد هوندو. اهڙو اظهار هن ايبٽ آباد ۾ مختلف يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن سان ويهڪ دوران خاص ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. ڊي جي، آءِ ايس پي آر سان خاص ويهڪ ۾ استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ويجهڙ ۾ پاڪ- افغان ڇِڪتاڻ، ملڪي سيڪيورٽي صورتحال، حق جي ويڙهه سميت اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڳالهين دوران چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ فتنه الخوارج خلاف اثرائتا قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستاني فوج وطن جي بچاءُ لاءِ پُرعزم آهي، ڪنهن به اڳرائيءَ جو جواب سخت ۽ شديد هوندو. استادن ۽ شاگردن طرفان شهيدن ۽ غازين کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. هزاره يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الله خان چيو ته وطن سان محبت جي اصل حقيقت پاڪ فوج آهي. پاڪ فوج هميشه جنگ ۾ اڳيان اڳيان هوندي آهي ۽ اسان ساڻن گڏ هوندا آهيون. استادن ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ٻارن جي ذهنن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ دشمن ڌُرين جون سرگرميون وڌي رهيون آهن، ضروري آهي ته اسان پنهنجن ٻارن کي درست ۽ تصديق ٿيل ڄاڻ فراهم ڪريون. شاگردن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان هن ملڪ جا شهري آهيون، جتي پاڪستاني فوج جهڙا ادارا نوجوانن کي حوصلو ۽ رهنمائي فراهم ڪن ٿا، اڄ اسان کي سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف پکيڙيل غلط افواهن جي باري ۾ درست ڄاڻ حاصل ٿي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي جوابن اسان جي ذهنن مان ملڪي ۽ صوبائي حالتن سميت پاڪ فوج جي حوالي سان شڪ ۽ شبها ختم ڪري ڇڏيا آهن.











