آمريڪا سان لاڳاپن ۾ نوان رُخ، چين سان پُراڻي حصيداري ۽ سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ تعاون وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

 اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا سان لاڳاپن ۾ نوان رُخ، چين سان پُراڻي حصيداري ۽ سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ تعاون وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، استحڪام ۽ تحفظ لاءِ پائيدار پاليسيون ۽ مالي نظم و ضبط کي قائم رکڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙو اظهار هن …

 اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا سان لاڳاپن ۾ نوان رُخ، چين سان پُراڻي حصيداري ۽ سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ تعاون وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، استحڪام ۽ تحفظ لاءِ پائيدار پاليسيون ۽ مالي نظم و ضبط کي قائم رکڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙو اظهار هن آمريڪا جي ڪريٽيڪل منرلز فورم جي صدر رابرٽ لوئيس اسٽريئر سان ملاقات ۾ چئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ آمريڪا جي ناظم الامور نيٽلي بيڪر ۽ ناڻي واري وزارت سميت لاڳاپيل ادارن جا عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان جي معدني وسيلن، کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن، سپلاءِ چين جي استحڪام ۽ ذميداراڻي پائيدار سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان جي مستحڪم معاشي رُخ ۽ معاشي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ،ا ستحڪام ۽ تحفظ لاءِ پائيدار پاليسيون ۽ مالي نظم و ضبط قائم رکڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. معاشي استحڪام جو مضبوط بنياد رکڻ سان مجموعي ڪاروباري فضا بهتر ٿي آهي ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسين طرفان مثبت اهڃاڻ ملي رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت معيشت ۾ گهري ڍانچه جاتي سڌارن تي ڪم شروع ڪيو آهي جن ۾ بجليءَ جي شعبي جي نئين سر تنظيم سازي، ٽيڪس نظام ۾ بهتري، ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ ۽ مالياتي استحڪام لاءِ جامع روڊ ميپ شامل آهي. هن ناڻي واري وزارت ۾ ٽيڪس پاليسي يونٽ جي قيام ۽ انهن قدمن ذريعي پاليسي سازيءَ کي انتظامي معاملن کان ڌار ڪري گورننس کي بهتر بڻائڻ جي حڪومتي عزم جو به ذڪر ڪيو. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته حڪومت 24 سرڪاري ادارن کي نجڪاري ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏيو ته جيئن سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي ۽ مالي نظم و ضبط کي مضبوط بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت عالمي لاڳاپن جي مثبت موڙ تي بيٺل آهي ۽ آمريڪا سان لاڳاپن ۾ نوان رُخ، چين سان پُراڻي حصيداري ۽ سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ تعاون وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي. ناڻي واري وزير معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن کي پاڪستان جي معيشت ۾ نَون امڪانن ۽ تبديلين ۽ پاڪستان کي درآمدي معيشت سان روانگي واپار جي معيشت تي ٻَڌل ترقيءَ جو راهه تي ضامن قرار ڏنو. هن چيو ته هڪ مضبوط منرل پاليسيءَ ذريعي بار بار پيش ايندڙ پرڏيهي خساري جي دٻاءُ مان نڪري سگهجي ٿو ۽ عالمي ادارن تي گهٽ ڀاڙڻو پوندو. ملاقات دوران آمريڪا جي ڪريٽيڪل منرلز فورم جي صدر فورم جي مول مقصدن خاص ڪري آمريڪي حڪومت جي تعاون سان سڄي دنيا ۾ اُسرندڙ مارڪيٽن ۾ شفاف ۽ محفوظ معدني سپلاءِ چين کي هٿي ڏيڻ ۾ فورم جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته فورم جو توجهه ٽامي ۽ اينٽي موني جهڙن ناياب ڌاتن تي ٻَڌل آهي ته جيئن ان ڌاتن ۾ سيڙپڪاريءَ سان مالي ۽ سيڪيورٽي خطرن تي ضابطو آڻي سگهجي. هن ٽيڪنالاجي جي منتقلي آءِ پي جي تحفظ ۽ آمريڪا جي نجي سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. آمريڪي وفد پاڪستان جي سائنس، انجنيئرنگ ۽ رياضي جي شعبن ۾ ٽيلنٽ کي ملڪ جو هڪ اهم اثاثو ۽ طاقت قرار ڏنو ۽ ڪريٽيڪل منرل جي ترقي جي لحاظ کان پاڪستان کي ايندڙ وقتن ۾ خطي ۾ هڪ مرڪز طور اُڀرندي ظاهر ڪيو. آمريڪي ناظم الامور پاڪستان ۾ آمريڪي واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ سفارتخاني جي حمايت کي ورجايو ۽ چيو ته معدنيات جي شعبي ۾ مضبوط سيڙپڪار اعتماد ۽ موزون ريگيوليٽري فريم ورڪ جي ضرورت آهي. سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان قانوني ۽ ريگيوليٽري سڌارن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت ڪريٽيڪل منرلز فورم طرفان تعاون لاءِ تجويزن جي آجيان ڪندي. هن چيو ته پاڪستان فورم طرفان هڪ تفصيلي فريم ورڪ پيش ڪرڻ کي ساراهيندو ۽ ان جي ذميداراڻي سيڙپڪاري ۽ گڏيل مفادن جي اصولن موجب جائزو وٺندو. ناڻي واري وزير آمريڪي وفد کي واشگٽن ۾ پنهنجين هاڻوڪين ملاقاتن دوران ڊي ايف سي ۽ آءِ ايف سي سميت ڪيترن عالمي ادارن سان ڳالهين ۽ انهن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي ارادن کان به آگاهه ڪيو. هن آمريڪي سفارتخاني جي معاونت تي ٿورو پڻ مڃيو. ڌُرين معدنيات جي شعبي ۾ تعاون جاري رکڻ ۽ ان کي پاڪستان جي اقتصادي سڌاره جاتي ايجنڊا ۽ پائيدار ترقيءَ جي گڏيل هدف سان هم آهنگ رکڻ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں