آمريڪي صدر پاران سينيٽ جي فلي بسٽر طريقڪار کي ختم ڪرڻ جو مطالبو

واشنگٽن - 31 آڪٽوبر(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سينٽ کان ڪنهن قانون جي منظوري وٺڻ لاءِ فلي بسٽر جي روايت کي ختم ڪرڻ گهرجي. ان روايت مطابق ڪنهن به قانون سازي جي منظوري لاءِ آمريڪي سينيٽ جي 100 مان گهٽ ۾ گهٽ 60 ميمبرن جي حمايت ضروري هوندي آهي. هن وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ري پبلڪن پارٽي کي سينٽ ۾ 47 جي ڀيٽ ۾ …

واشنگٽن – 31 آڪٽوبر(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سينٽ کان ڪنهن قانون جي منظوري وٺڻ لاءِ فلي بسٽر جي روايت کي ختم ڪرڻ گهرجي. ان روايت مطابق ڪنهن به قانون سازي جي منظوري لاءِ آمريڪي سينيٽ جي 100 مان گهٽ ۾ گهٽ 60 ميمبرن جي حمايت ضروري هوندي آهي. هن وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ري پبلڪن پارٽي کي سينٽ ۾ 47 جي ڀيٽ ۾ 53 جي اڪثريت حاصل آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا تي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته ري پبلڪنز پنهنجو” ٽرمپ ڪارڊ “ استعمال ڪري ۽ فلي بسٽر سسٽم کي ختم ڪري ڇڏي. آمريڪا ۾ وفاقي حڪومت جي جزوي شٽ ڊائون کي 30 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن ۽ ان جي خاتمي جو اڃان تائين ڪو آثار نظر نٿو اچي. غيرجانبدار ڪانگريشنل بجيٽ آفيس مطابق ڊگهي شٽ ڊائون سبب آمريڪي معيشت کي 7 کان 14 ارب ڊالرن تائين جو نقصان ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته جي ڊي پي ۾ چوٿين 03 ماهي دوران 2 سيڪڙو تائين گهٽٽائي اچڻ جو امڪان آهي.