عراق ۽ يونان پاران ڊسمبر کان سڌيءَ ريت اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان

بغداد - 31 آڪٽوبر(اي پي پي) عراق ۽ يونان ڊسمبر مهيني کان بغداد ۽ اٿينز وچ ۾ سڌيءَ ريت اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان عراق جي پرڏيهي وزير فواد حسين ۽ عراق جي دوري تي آيل سندس يوناني هم منصب جارج جيرپيٽريٽس هڪ ملاقات دوران ڪيو، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن جي حوالي سان به  خيالن جي ڏي وٺ ٿي. …

بغداد – 31 آڪٽوبر(اي پي پي) عراق ۽ يونان ڊسمبر مهيني کان بغداد ۽ اٿينز وچ ۾ سڌيءَ ريت اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان عراق جي پرڏيهي وزير فواد حسين ۽ عراق جي دوري تي آيل سندس يوناني هم منصب جارج جيرپيٽريٽس هڪ ملاقات دوران ڪيو، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن جي حوالي سان به  خيالن جي ڏي وٺ ٿي. يونان جي پرڏيهي وزير ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اسان جون ايئر لائنز ڊسمبر ۾ اڏامون شروع ڪرڻ جو منصوبو رکن ٿيون. عراق جي پرڏيهي وزير ان قدم جي آجيان ڪندي چيو ته اهو قدم ٻنهي ملڪن وچ ۾ سماجي رابطن کي مضبوط ۽ اقتصادي ۽ سياحتي ڏي وٺ کي هٿي ڏيندو. پرڏيهي وزارت واپار، تعليم ۽ طبي شعبي ۾ تعاون بابت به ڳالهيون ڪيون. يونان جي ڪمپنين طبي ساز و سامان ۽ دوائن جي فراهمي ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. علائقائي معاملن تي ڳالهيون ڪندي ٻنهي وزيرن غزه صورتحال جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون. عراق جي پرڏيهي وزير غزه ۾ موجوده جنگ بندي معاهدي لاءِ پنهنجي ملڪ جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ياد رهي ته يونان 1991ع ۾ عراق جي ڪويت تي حملي بعد  بغداد  لاءِ اڏامون معطل ڪري ڇڏيون هيون.