رافيل گروسي اسان جي ايٽمي پروگرام جي پُرامن نوعيت کان واقف آهي: ايران

تهران -31 آڪٽوبر(اي پي پي) ايران چيو آهي ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي(آءِ اي اي اي) اسان جي ايٽمي پروگرام جي پر امن نوعيت کان واقف آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزير جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي کي خبر آهي ته ايران جو ايٽمي پروگرام مڪمل طور تي پر امن مقصدن لاءِ آهي. اهو بيان ان وقت …

تهران -31 آڪٽوبر(اي پي پي) ايران چيو آهي ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي(آءِ اي اي اي) اسان جي ايٽمي پروگرام جي پر امن نوعيت کان واقف آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزير جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي کي خبر آهي ته ايران جو ايٽمي پروگرام مڪمل طور تي پر امن مقصدن لاءِ آهي. اهو بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن گروسي چيو هيو ته ايران جي يورينيم ذخيري ويجهو ڪجهه حرڪت ڏٺي وئي آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اتي يورينيم رچاءَ جي سرگرمي جاري آهي. هن رافيل گروسي تي الزام لڳايو ته سندس پوئين بيانن اسرائيل ۽ آمريڪا کي جون ۾ ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن لاءِ رستو فراهم ڪيو. هن چيو ته رافيل گروسي کي اهڙا بي بنياد تبصرا ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، کيس خبر آهي ته اسان جو پروگرام پر امن آهي.

مزید خبریں