سيڙپڪاري بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان آسيان ملڪن جي سفيرن جي ملاقات

اسلام آباد - 31 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان آسيان ملڪن جي گڏيل وفد سيڙپڪاري بورڊ ۾ ملاقات ڪئي، وفد ۾ ٿائيلينڊ، انڊونيشيا، ملائيشيا، ويٽنام، فلپائن، ميانمار ۽ برونائي جا سفير شامل هئا. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ٻيا سينيئر آفيسر به موجود هئا. ملاقات دوران پاڪستان ۽ آسيان ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي …

اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان آسيان ملڪن جي گڏيل وفد سيڙپڪاري بورڊ ۾ ملاقات ڪئي، وفد ۾ ٿائيلينڊ، انڊونيشيا، ملائيشيا، ويٽنام، فلپائن، ميانمار ۽ برونائي جا سفير شامل هئا. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ٻيا سينيئر آفيسر به موجود هئا. ملاقات دوران پاڪستان ۽ آسيان ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاڙي جي وسيع موقعن، خاص طور تي اسپيشل اڪنامڪ زونز جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته آسيان ملڪ پاڪستان لاءِ اهم اقتصادي شراڪتدار آهن ۽ گڏيل سهڪار سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جا دروازا کلي سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جو ڌيان وزيراعظم محمد شهباز جي قيادت ۾ سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ صنعتي ترقي تي ٻڌل معيشت کي هٿي ڏيڻ تي آهي. هن يقين ڏياريو ته سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول، پاليسين ۾ تسلسل ۽ شفاف طريقي ڪار کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد طرفان فوڊ انڊسٽري، سياحت، مينوفيڪچرنگ ۽ خدمتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن تي گهري دلچسپي ظاهر ڪئي وئي. آسيان نمائندن پاڪستان جي اقتصادي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي خطن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آسيان ملڪن ٻه طرفي اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي ترقي جي گڏيل ويزن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.