اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ڪئنيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جمعي جي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي سميت معدنيات جهڙن شعبن ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌاري ۽ تحفظ جي معاهدي (ايف آءِ پي پي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ڪئنيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ڪئنيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جمعي جي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي سميت معدنيات جهڙن شعبن ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌاري ۽ تحفظ جي معاهدي (ايف آءِ پي پي اي) تحت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير انيتا آنند پاڪستان کي ڪينيڊين ڪينولا جي برآمدات لاءِ مارڪيٽ تائين پُهچ جي سهولت فراهم ڪرڻ تي نائب وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن، تازين لاڀائتين مصروفيتن کي ساراهيندي گڏيل لاڀائتي اقتصادي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.











