افغان سرزمين تان پاڪستان خلاف سرحد پار دهشتگردي جي اجازت نه ڏينداسين، پاڪستان خاص ڪري خيبرپختونخوا کي دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن کان پاڪ ڪيو ويندو: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪ- افغان ڇڪتاڻ دوران قبائلي عوام طرفان سيڪيورٽي فورسز جي غير مشروط حمايت کي ساراهيندي چيو آهي ته افغان سرزمين تان پاڪستان خلاف سرحد پار دهشتگردي جي اجازت نه ڏينداسين، پاڪستان خاص ڪري خيبرپختونخوا کي دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن کان پاڪ ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ …

راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪ- افغان ڇڪتاڻ دوران قبائلي عوام طرفان سيڪيورٽي فورسز جي غير مشروط حمايت کي ساراهيندي چيو آهي ته افغان سرزمين تان پاڪستان خلاف سرحد پار دهشتگردي جي اجازت نه ڏينداسين، پاڪستان خاص ڪري خيبرپختونخوا کي دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن کان پاڪ ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو جتي هن قبائلي اڳواڻن جي جرڳي سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ان کانسواءِ آرمي چيف کي 11 ڪور هيڊڪوارٽرز ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال، آپريشنل تيارين، پاڪ – افغان سرحد تي امن ۽ استحڪام ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن تي جامع بريفنگ ڏني وئي. قبائلي اڳواڻن جي جرڳي کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪ – افغان ڇڪتاڻ دوران قبائلي عوام طرفان سيڪيورٽي فورسز جي غير مشروط حمايت کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخوا جي عوام جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. قبائلي اڳواڻن دهشتگردي ۽ افغان طالبان خلاف هٿياربند فوج جي مڪمل حمايت جي عزم کي ورجايو. فيلڊ مارشل زور ڀريندي چيو ته پاڪستان افغانستان سميت سمورن پاڙيسرين سان امن جو خواهشمند آهي، جڏهن ته افغان سرزمين تان پاڪستان خلاف سرحد پار دهشتگردي جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته افغانستان طرفان سرحد پار دهشتگردي جي تسلسل باوجود پاڪستان گذريل ڪجهه سالن ۾ صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پاڪ – افغان ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ لاءِ افغانستان سان ڪيترن ئي موقعن تي سفارتي ۽ اقتصادي تعاون وڌايو آهي. هن چيو ته افغان طالبان رجيم ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد پراڪسيز فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ بدران انهن گروپن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير قبائلي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان خاص ڪري خيبرپختونخوا کي دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن کان پاڪ ڪيو ويندو. ان موقعي تي قبائلي اڳواڻن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير طرفان واضح موقف کي ساراهيندي پاڪستان ۾ امن لاءِ پنهنجي پختي عزم جو اظهار ڪيو. هنن واضح ڪيو ته فتنه الخوارج جي نظريي کي خيبرپختونخوا جي قبائل ۾ ڪا به قبوليت ناهي. ان کان اڳ پشاور اچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور آرمي چيف جو آڌرڀاءُ ڪيو.