ڪراچي -30 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچي ۾ فارن افيئرز لائزن آفيس جي ميزباني هيٺ منعقد ٿيل پهرين ڊپلوميٽڪ بازار جو افتتاح ڪيو. وڏي وزير تقريب کي ثقافت، تخليق، تعاون ۽ حقيقي سفارتڪاري جو خوبصورت ميلاپ قرار ڏيندي چيو ته هيءُ تقريب دوستي ۽ انسانيت جي علامت آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڪراچي فارن افيئرز لائزن آفيس …
سنڌ جي وڏي وزير پاران فارن افيئرز لائزن آفيس جي ميزباني هيٺ منعقد ٿيل پهرين ڊپلوميٽڪ بازار جو افتتاح

مزید خبریں
ڪراچي -30 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچي ۾ فارن افيئرز لائزن آفيس جي ميزباني هيٺ منعقد ٿيل پهرين ڊپلوميٽڪ بازار جو افتتاح ڪيو. وڏي وزير تقريب کي ثقافت، تخليق، تعاون ۽ حقيقي سفارتڪاري جو خوبصورت ميلاپ قرار ڏيندي چيو ته هيءُ تقريب دوستي ۽ انسانيت جي علامت آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڪراچي فارن افيئرز لائزن آفيس جي ڊي جي عرفان سومرو جي ساراهه ڪندي چيو ته بشڪيڪ ۾ فسادن دوران پاڪستاني شاگردن جي واپسي ۽ ايران ۾ زائرين جي بس حادثي کانپوءِ امدادي ڪارروائين ۾ هن جو اهم ڪردار رهيو آهي۔ هن سنڌ جي تاريخي سفارتي خدمتن جو ذڪر ڪندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ موجوده پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. مراد علي شاهه مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو جتي سنڌي برياني، انب، ٽيڪسٽائل شيون ۽ نوجوانن جي تخليقي ڪم جي نمائش ڪئي وئي۔ وڏي وزير چيو ته اهي سڀ شيون پاڪستان جي محنتي عوام ۽ ثقافت جي سچي عڪاسي ڪن ٿيون۔ هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو سامونڊي سفارتي گاديءَ جو هنڌ آهي جتي اسلام آباد کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ قونصل خانا موجود آهن. وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته هي ڊپلوميٽڪ بازار هر سال منعقد ٿيندي جنهن سان ثقافتي مٽاسٽا، امن ۽ عالمي دوستي کي هٿي ملندي خاص طور تي نوجوانن ۽ عورتن جي شراڪتداري سان هن پرڏيهي وزارت، سفير خالد جمالي، عرفان سومرو ۽ ليزن آفيس ڪراچي جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ به هن تقريب کي دوستي ۽ ثقافت جي ذريعي حقيقي سفارتڪاري جو مظاهرو قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي واپار ۽ ثقافت جو کليل ۽ زنده شهر آهي۔ ڊي جي ليزن آفيس عرفان سومرو مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته نوجوانن ۽ عورتن جي شرڪت پاڪستان جي مستقبل جي بين الاقوامي سڃاڻپ جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان سفارتي، فوجي ۽ معاشي لحاظ سان هڪ ڀرپور اعتماد ۽ تخليقي قوم طور اڀري رهيو آهي. تقريب ۾ مختلف ملڪن جي کاڌن جا اسٽال لڳايا ويا جتي وڏي وزير کاڌا چکيا، ذائقي ۽ پيشڪش جي تعريف ڪئي ۽ ٻين مهمانن سان گڏجي ڊپلوميٽڪ بازار جو افتتاحي ڪيڪ ڪٽي تقريب کي يادگار بڻايو. هن تقريب ۾ صوبائي وزيرن، سفارتڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ٻين معزز مهمانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي مهمان نوازي، اتحاد ۽ امن جي پيغام کي ساراهيو.











