پاڪستان ۽ آمريڪا وچ گڏيل احترام، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل پراڻا لاڳاپا آهن: خواجه محمد آصف

اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل احترام، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل پراڻا لاڳاپا آهن. بچاءُ واري وزارت مان جاري بيان موجب آمريڪي سفارتخاني جي وقتي ناظم الامور نٽالي بيڪر وفاقي وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ …

اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل احترام، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل پراڻا لاڳاپا آهن. بچاءُ واري وزارت مان جاري بيان موجب آمريڪي سفارتخاني جي وقتي ناظم الامور نٽالي بيڪر وفاقي وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بچاءُ واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل احترام، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل پراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي ۽ وڌندڙ گرمجوشي کي ساراهيو. عالمي برادري ۾ هڪ ذميوار ۽ مستقبل جي ڳولائو حصيدار طور پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ وڌندڙ تعاون کي ساراهيو ويو. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتهال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ڌرين هڪ پرامن، مستحڪم ۽ محفوظ افغانستان جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته علائقائي امن ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ افغانستان جي سرزمين مان پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار کي برقرار رکڻ ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو عزم ورجايو ويو.