حيدرآباد ۾ سنڌ انفارميشن ڪميشن پاران "رائيٽ ٽو انفارميشن اينڊ ٽرانسپيرنسي ايڪٽ” بابت هڪ آگاھي سيمينار

حيدرآباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ انفارميشن ڪميشن پاران "رائيٽ ٽو انفارميشن اينڊ ٽرانسپيرنسي ايڪٽ" بابت هڪ آگاھي سيمينار  پريس ڪلب حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو. پروگرام نيشنل ڪميشن فار هيومن رائٽس ۽ نيشنل لابنگ ڊيليگيشن جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو.سيمينار ۾ سنڌ انفارميشن ڪميشن جي ميمبر محمد سليم خان، نور محمد دايو سميت مختلف سرڪاري کاتن جا آفيسر ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شريڪ ٿيا. نيشنل لابنگ ڊيليگيشن …

حيدرآباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ انفارميشن ڪميشن پاران "رائيٽ ٽو انفارميشن اينڊ ٽرانسپيرنسي ايڪٽ” بابت هڪ آگاھي سيمينار  پريس ڪلب حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو. پروگرام نيشنل ڪميشن فار هيومن رائٽس ۽ نيشنل لابنگ ڊيليگيشن جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو.سيمينار ۾ سنڌ انفارميشن ڪميشن جي ميمبر محمد سليم خان، نور محمد دايو سميت مختلف سرڪاري کاتن جا آفيسر ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شريڪ ٿيا. نيشنل لابنگ ڊيليگيشن جي ميمبر ۽ سينيئر صحافي جئه پرڪاش آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته اسان اقليتن جي حقن لاءِ لابنگ ڪريون ٿا. اسان جي گروپ ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آھن. اسان قانونسازي، نوڪرين ۾ اقليتي ڪوٽا ۽ تعليمي ڪوٽا تي عملدرآمد ۽ عوامي آگاهيءَ لاءِ ڪم ڪريون ٿا. رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ ذريعي اسان کي اقليتي ڪوٽا ۾ خالي آسامين بابت ڄاڻ حاصل ٿي.   اطلاعات کاتي سنڌ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل  ۽ موجوده سنڌ انفارميشن ڪميشن جي ميمبر محمد سليم خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ ٽرانسپيرنسي اينڊ رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ عوامي ادارن ۾ شفافيت ۽ جوابدهيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو آھي، جيئن شھري پنهنجي گھربل ڄاڻ آسانيءَ سان حاصل ڪري سگھن.ھن ٻڌايو ته ڪو به شھري لاڳاپيل اداري جي پبلڪ انفارميشن آفيسر (PIO) کي لکت ۾ درخواست ڏئي سگھي ٿو. جيڪڏھن ڄاڻ مهيا نه ڪئي وڃي يا درخواست رد ڪئي وڃي ته شھري سنڌ انفارميشن ڪميشن سان رابطو ڪري سگھي ٿو. درخواست سان قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي لڳائڻ ضروري آھي پر ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو به سبب ٻڌائڻ لازمي ناھي. PIO کي 10 کان 15 ڏينهن اندر جواب ڏيڻ ضروري آھي، جڏھن ته زندگي يا آزاديءَ سان لاڳاپيل درخواستن جو جواب 2 کان 3 ڏينهن ۾ ڏنو وڃي. سنڌ انفارميشن ڪميشن جي ميمبر نور محمد دايو  سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن کي شھري حقن ۽ بھتر حڪمرانيءَ تي آر ٽي آءِ قانونن جي اثرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آخر ۾ ھن شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.

مزید خبریں