وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران بلوچستان ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

 اسلام آباد _ 30 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير 18 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو . محسن  نقوي جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪندي بلوچستان ۾ ڀارتي فتنه الخوارج  جي ناپاڪ …

 اسلام آباد _ 30 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير 18 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو . محسن  نقوي جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪندي بلوچستان ۾ ڀارتي فتنه الخوارج  جي ناپاڪ منصوبن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته 18 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪيون ٿا، سيڪيورٽي فورسز نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز پرعزم آهي.