سيئول-30 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ڏکڻ ڪوريا آمريڪي ٽيڪس وصولين ۾ گهٽتائي جي بدلي آمريڪا کي 30 ارب ڊالرز ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ اهو بيان پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي جاري ڪندي چيو ته ڏکڻ ڪوريا آمريڪا خلاف لاڳو ڪيل ٽيڪس وصولين ۾ نرمي عيوض 350 ارب ڊالرز ادا ڪرڻ جي …
ڏکڻ ڪوريا آمريڪي ٽيڪس وصولين ۾ گهٽتائي عيوض 350 ارب ڊالر ادا ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
سيئول-30 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ڏکڻ ڪوريا آمريڪي ٽيڪس وصولين ۾ گهٽتائي جي بدلي آمريڪا کي 30 ارب ڊالرز ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ اهو بيان پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي جاري ڪندي چيو ته ڏکڻ ڪوريا آمريڪا خلاف لاڳو ڪيل ٽيڪس وصولين ۾ نرمي عيوض 350 ارب ڊالرز ادا ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ان کان علاوه هو آمريڪا کان تيل ۽ گيس وڏي مقدار ۾ خريد ڪندو جڏهن ته ڏکڻ ڪوريائي ڪمپنين ۽ ڪاروباري شخصيتن پاران آمريڪا ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪيو ويندو جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سيڙپڪاري 600 ارب ڊالرن کان به وڌي ويندي . آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي اتحاد پهريان کان وڌيڪ مضبوط آهي. ٻئي پاسي ڏکڻ ڪوريا جي قومي سلامتي جي مشير تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ملڪ جي نيوڪليئر آبدوزن جي ضرورت بابت اتفاق ڪيو آهي.










